قبائلي جهيڙن خلاف ڪنڌ ڪوٽ ۾ بک هڙتال

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ غالب بلوچ) قومي عوامي تحريڪ پاران ڪشمور ضلع ۾ ھلندڙقبائلي جھيڙن خلاف احتجاج ڪندي بک هڙتالي ڪيمپ لڳائي وئي آهي. تحريڪ جي ضلعي صدراعجازاحمدبجاراڻي جي اڳواڻي۾ ڪنڌڪوٽ لائبريري سامھون لڳايل علامتي بک ھڙتالي ڪيمپ جو مقصد عوام ۾ قبائلي جهيڙا بند ڪرڻ ۽ انتظامياجو فوري اپاءَ وٺڻ لاءِ ڌيان ڇڪائڻ آهي. بک هڙاتالي ڪيمپ جي، ايس يو پي ۽ ايس ٽي پي پاران حمايت ڪندي بک ھڙتال ۾ شرڪت ڪئي وئي. بک ھڙتالي ڪئمپ ۾ ويٺل تنظيمن جي اڳواڻن اعجاز بجاراڻي،علي مراد سبزوئي، شاھنوازمرھٽو ۽ ٻين سنڌ حڪومت کان مطالبوڪيو تہ ڪنڌ ڪوٽ ۽ ڪشمور جي علائقن ۾ ڪافي وقت ٺاپراچڻ بعد ٻيھر قبائلي جھيڙن جي باھ ٻري ويئي آھي جھنکي ترت روڪڻ لا۽ اپاءَ ورتا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو