قانون سازي لاءِ حڪومت ڪميٽي جي جوڙجڪ ڦيرائي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي جنرل سيڪريٽري فرحت الله بابر اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو بل پاس ڪرائڻ لاءِ حڪومت تي ڌانڌلي جو الزام مڙهيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته سينيٽ جي پارلياماني معاملن بابت ڪميٽي ۾ تحريڪ انصاف جي ثمينا ممتاز کي نامزد ڪري حڪومتي اڪثريت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته 13 رڪني ڪميٽي ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جا هڪجيترا يعني ڇهه 6 ميمبر آهن ۽ ڪميٽي جو چيئرمين تاج حيدر آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ اڳ ۾ پيپلز پارٽي جي مصطفيٰ نواز کوکر کي هٽايو جنهن تي احتجاج بعد سندس ميمبرشپ بحال ڪندي پي ٽي آءِ جي ثمينا کي اضافي ميمبر نامز ڪيو آهي، اهو فيصلو قبول ناهي اسين مزاحمت ڪنداسين، سينيٽ سيڪريٽريٽ اپوزيشن ليڊر ۽ ڪميٽي جي چيئرمين کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ اها تبديلي ڪئي آهي جيڪا بد نيتي تي ٻڌل آهي. هن چيو ته ڪميٽي جي چيئرمين اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت بريفنگ لاءِ فيفن کي گهرايو ته سينيٽ سيڪريٽريٽ کين روڪيو هو. جنهن سان حڪومت جي نيت ۾ کوٽ ظاهر ٿئي ٿي. بابر چيو ته تڪراري معاملي تي قانون سازي کان اڳ ڪميٽي ۾ حڪومتي اڪثريت حاصل ڪرڻ غير قانوني آهي. هن چيو ته اڳ ۾ رزلٽ ٽرانسميشن سيسٽم کي هائيجيڪ ڪري نتيجا مٽايا ويا هاڻي ايندڙ اليڪشن چورائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.جنهن جي هر فروم تي مزاحمت ڪنداسين.هن چيو ته ٽيڪنالوجي جي استعمال تي اعتراض ناهي پر ان بابت اليڪشن ڪميشن ۽ سياسي ڌرين جو اتفاق هجڻ لازمي آهي. ياد رهي ته ثمينا ممتاز کي ڪميٽي ۾ سامل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن 3 سيپٽمبر تي جاري ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو