قادرپور چوڪي تي جج جو ڇاپو، بي ڏوهه قيدي آزاد

گهوٽڪي ( رپورٽ اسد مير چاچڙ)  سول جج سليم اعواڻ جو قادرپور پوليس چوڪي تي اوچتو ڇاپو هڻي بنا جواز بانڌي بڻايل رازق ڏنو چاچڙ کي آزاد ڪري ڇڏيو. سول جج قادرپور پوليس چوڪي انچارج محمد مراد مهر کي اڱاري تي عدالت طلب ڪيو آهي. بنا جواز گرفتار ٿيل جي وارثن عدالت ۾ وڪيل هدايت الله سندراڻي معرفت درخواست ڏني هئي، جنهن تي عدالت ڇاپو هنيو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته چوڪي انچارج محمد مراد مهر ڪڻڪ جي اوڳاڙي لاء ڳوٺاڻن کي تنگ ڪري ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو