قاتلن جي گرفتاري لاءِ مقتول جي وارثن جو احتجاج

ٺڪراٺو (ن سنڌيار) مبارڪپور ٿاڻو جي حد ڳوٺ اوچيهر لڳ ٽي ڏينهن اڳ هٿياربندن جي حملي ۾ قتل ٿيل نوجوان قيصر مهر جي وارثن جنهن ۾  پيرسن امڙ سبحانان مهر ، مائي مينهڻ ، معشوق علي ، جان محمد ، غلام نبي ، دلبر ۽ ڪمال مهر جن مبارڪپور ٿاڻو جي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسان جي نوجوان کي بيگناھ  قتل ڪيو ويو آهي ، اسان جي نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد مقتول جي ٽريڪٽر ٽرالي ۾ لوڊ سامان هٿيارن جي زور تي لاهي کڻي ويا آهن جيڪو پنج لک جي ماليت جو آهي ، اسان بار بار مبارڪپور پوليس کي ٻڌائيندا رهياسين پر اڃان تائين مبارڪپور پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو ، انهن ايس ايڇ او مبارڪپور کي جوابدارن جي ڌر بڻجڻ جو الزام هڻندي چيو ته اسان جي مقتول جي ايف آء آر ۾ ايس ايڇ او  ڦير ڦار ڪري اسان جي نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جا نالا به شامل ناهن ڪيا. مظاهرين آءِ جي سنڌ ، اي آءِ جي سکر ، ڊي آء سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او کي فوري طور هٽايو وڃي ۽ اسان جي نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو