قاتلن جي گرفتاري تائين لاش نه دفنائبو، وارثن جو احتجاج

سيٺارجا(سجاد علي ڪٻر) چار ڏينهن اڳ سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ احمد موجائي ۾ پلاٽ جي تڪرار تان ٿيل خوني جهيڙي ۾ شديد زخمي ٿيڻ بعد ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويل نوجوان اظهر علي جي وارثن پاران قاتلن جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف احتجاج طور 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود فوتي نوجوان جو لاش مٽي ماء حوالي ناهي ڪيو وارثن طارق حسين, راشد , حاڪم ,خادم حسين صاحبڏنو  ۽ ٻين چيو ته اسان جي نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سيٺارجا پوليس گرفتار ناهي ڪري سگهي ۽ پوليس پاران انهن کي هٿ سان فرار ٿي وڃڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي هن مهل تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ ناهي آندي وئي جنهن ڪري اسين احتجاج طور تيسيتائين لاش نه دفنائينداسين جيسيتائين قتل ۾ ملوث مک جوابدار گرفتار نه ڪيا ويندا هن ڏس ۾ ايس ايڇ او سيٺارجا ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين درميان ٿيل جهيڙي جو ڪيس داخل ٿيل آهي جڏهن ته فوتي نوجوان جي جوابدارن جي گرفتاري لاء پوليس پاران ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ کين جلد قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو