فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت جو ڏس پتو نه پيو، وارث پريشان

سيٺارجا (سجاد علي ڪٻر) ڪراچي جي سائيٽ ايريا ۾ آسڪو گارمينٽس ڪمپني ۾ درزي طور ڪم ڪندڙ سيٺارجا واسي محمد اسلم  جيڪو پنهنجي گهر اچڻ بعد 11 ڏينهن اڳ سيٺارجا کان ڪراچي وڃڻ دوران پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي ۽ وارثن پاران گهڻي ڳولا ڪرڻ باوجود سندس ڪوبه ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي جنهن بعد وارثن پاران اهو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي ته کيس کي اغوا ڪيو ويو آهي ۽ وارثن پاران سيٺارجا ٿاڻي تي پڻ اهڙي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي. ان ڏس ۾ گم ٿيل محمد اسلم جي ڀائرن منظور حسين لاشاري ۽ غلام اڪبر پريس ڪلب پهچي ٻڌايو ته اسان جو ڀاءُ ڪراچي جي گارمينٽس فيڪٽري ۾ درزڪو ڪم ڪندو آهي جيڪو سيٺارجا اچڻ بعد 27 نومبر تي ڪراچي وڃڻ لاءِ نڪتو هيو ۽ اڄ ڏينهن تائين هو ڪراچي فيڪٽري ناهي پهتو نه وري سندس سان ڪو رابطو ٿي رهيو آهي ڇوته ان ڏينهن کان سندس موبائل پڻ مسلسل بند آهي. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته سندن ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو