فيڪٽري ۾ باهه جا سرڪاري ادارا به ذميوار آهن، عدالت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جَي علائقي مهراڻ ٽائون ۾ فيڪٽري سانحي ۾ فيڪٽري مالڪن سميت سنڌ جا لاڳاپيل ادارا به ذميوار قرار ڏنا ويا آھن، ڪراچي ايسٽ جي سيشن ڪورٽ ڪالهه فيڪٽري ماڪن جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي هئي جنهن جو لکت ۾ فيصلو اڄ جاري ڪيو ويو. عدالت چيو آهي ته ڪيس ۾ لاڳاپيل کاتن کي شامل نه ڪرڻ متاثرن سان ناانصافي هوندي.. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته رهائشي پلاٽ تي غير قانوني فيڪٽري قائم ڪئي وئي. خوفناڪ حادثي ليبر کاتي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ڪي ايم سي ۽ ٻين ادارن جي ڪارڪردگي وائکي ڪري ڇڏي،  فيڪٽري ۾ انساني جانيون بچائڻ لاءِ ايمرجنسي سهولت نه هئي، فيڪٽري جو مک گيٽ بند هجڻ سبب 17 انساني جانيون ضايع ٿي ويون. عدالت چيو ته فائر برگيڊ عملو دير سان پهتو، پاڻي جي کوٽ ۽ عملي جي کوٽ به سانحي جو ڪارڻ قرار ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو