فيڊريشن پاران 15 آگسٽ کان نجي اسڪول کولڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آل پاڪستان پرائيويٽ اسڪولز فيڊريشن ۽ ڪراچي پرائيويٽ اسڪولز ايڪشن ڪميٽي 15 آگست کان پوري ملڪ ۾ اسڪول کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ اهڙو اعلان پرويز هارون ڪيو ۽ ٻڌايو ته اسين اسڪول کولڻ لاءِ 32 نڪاتي ايس او پيز پڻ جوڙي ورتا آهن. هن چيو ته يونين ڪائونسلز ۾ ڪورونا وائرس جي وڌيڪ ڪيس هوندا انهن ۾ اسڪول نه کلندا. هن چيو ته حڪومت نجي اسڪول ته بند ڪرايا پر انهن جي مدد نه ڪئي ۽ ڪيترائي مالڪ محنت مزدوري ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هڪ سروي ۾ 74 سيڪڙو والدين ٻارن کي اسڪولن ۾ موڪلڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. ان سان گڏوگڏ فيڊريشن جي صدر ڪاشف مرزا چيو آهي ته آن لائن تعليم ۽ گهر ٽي وي ذريعي تعليم ڏيڻ جا ڊراما ناڪام ٿيا آهن. حڪومت پاڻ 15 آگسٽ کان اسڪول کولڻ جو اعلان ڪري نه ته اسين اسڪول کولي ڇڏينداسين. هن چيو ته جڏهن حڪومت 45 لک شاگردن کي بنا امتحان پاس ڪيو آهي ته انهن کان امتحان فيس جي مد ۾ ورتل 25 ارب روپيا به واپس ڪيا وڃن. ياد رهي ته مارچ کان تعليمي ادارا مڪلم طور بند آهن ۽ حڪومت 15 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان ڪيو هو. ڪاشف مرزا چيو ته هل لک 31 هزار سرڪاري اسڪولن ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ 50 ارب روپيا گهربل آهن جنهن ڪري هو  7 ڪروڙ ٻارن جو مستقبل تباهه ڪرن چاهين ٿا. هن چيو ته حڪومت گرفتاري جون ڌمڪيون نه ڏئي پر ڳالهيون ڪري، جيڪڏهن گرفتار ڪيو ويو ته سڄي ملڪ ۾ احتجاج جي ڪال ڏينداسين ۽ اسين نجي اسڪولن جي قانوني مدد لاءِ ليگل سيل به ٺاهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو