فينسي نمبر پليٽس ۽ ڪارن شيشن خلاف ڪاروائي

ڪنڊيارو(ن سنڌيار)موٽروي پوليس جي اعلي عملدارن جي ھدايتن بعد ڪنڊيارو لڳ فينسي نمبر پليٽ ۽ ڪارن شيشن وارين گاڏين خلاف ڪاروائي شروع ٿي وئي آهي. بيٽ 29 جي، ڊي ايس پي رياض احمد ايڊمن آفيسر عبدالرشيد سھتو ٻين آفيسرن ۽ ضلعي پوليس سان گڏ قومي شاھراھ تي گائيڊنس سينٽر وٽ فينسي نمبر پليٽ ۽ ڪارن شيشن وارين گاڏين خلاف ڪاروائي ڪري فينسي نمبر پليٽون ۽ شيشن تي لڳل ڪاري پلاسٽڪ لھرائي ڇڏيون جڏھن ته ڪيترن ئي گاڏين جي ڊرائيورن مٿان ڏنڊ ھڻي ٻيھر اھڙين گاڏين کي قومي شاھراھ تي نه آڻڻ جي وارننگ پڻ ڏني. ان موقعي تي ڊي ايس پي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته فينسي نمبر پليٽن ۽ ڪارن شيشن وارين گاڏين کي قومي شاھراھ تي ھلڻ نه ڏنو ويندو ۽ ڊرائيورن جي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ گاڏين جي ڊرائيورن مٿان ايف آء آر داخل ڪرائي ويندي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو