فيض گنج ۾ مظاهرو، جنهاڻ ۾ جلوس ۽ سلطانپور ۾ وڻڪاري

ڪراچي( نمائندن وٽان) سنڌ حڪومت پاران سڌي طرح ڪانٽريڪٽ تي گريڊ 17 هين ۾ ڀرتي ڪيل هيڊ ماسٽرن کي پڪو نه ڪرڻ خلاف مظاهرو ڪيو ويو آهي، بلڙي شاهه ڪريم جي تاريخي اسڪول ۾ استادن پاران نه پڙهائڻ ۽ سلطانپور ۾ شاگردن پاران وڻڪاري مهم هلائي وئي آهي. فيض گنج مان وسيم سولنگي موجب آءِ بي اي ذريعي سڌي طرح گريڊ 17 هين ۾ ڀرتي ڪيل استادن کي هڪ سال بعد برطرف ڪرڻ واري سنڌ حڪومت جي فيصلي خلاف مختلف اسڪولن جي استادن ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاج ڪندي جلوس ڪڍيو ويو.

آفتاب حيسن، خان محمد، عزيز، اسد راڄپر، نواب الدين رتڙ، زاهد حسين شر، الله ڏتو،عابد راڄپر، خالد شر۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته اسين ٻن سالن کان تعلقي جي مختلف اسڪولن ۾ هيڊ ماسٽرس طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آھيون جنهن دوارن اسان محنت ڪري سرڪاري اسڪولن ۾ نئون ساهه وڌوسين، پڙهائي کي بهتر ڪي، تعليمي سيمينار ڪرائي عوام کي پنهنجا ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ موڪلڻ لاءِ آماده ڪيو پر هاڻي حڪومت اسانکي پڪو ڪرن بدران ٻن سالن جو مدو پورو ٿيڻ تي هڪ سال جو ڪانٽريڪٽ ڏئي ايندڙ سال گهر موڪلڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيوآھي. هنن چيو ته اها ساڻن نا انصافي آھي. هنن بلاول ڀٽو، سيد مرادعلي شاهه ۽ وزير تعليم کان مطالبو ڪيو ته کين ريگولر ڪيو وڃي. *** بلڙي شاھ ڪريم مان ذوالقرنين لنڊ موجب سنڌ جي مزاحمتي شاعر منشي ابراهيم جي اباڻي ڳوٺ جنهاڻ سومرو جي اسڪول م مقامي استادن پڙها؟ڻ ڇڏي ڏنو آهي، ٻار دربدر آهن ۽ مختلف براين ۾ پئجي ويا آهن. جنهاڻ سومرو تاريخي ڳوٺ آهي جيڪو ٽيون دفعو چونڊيل پ پ ايم پي اي عبدالڪريم سومرو جو به اباڻو ڳوٺ آهي. ڳوٺاڻا شڪايتون ڪري ٿڪجي پيا ۽ نيٺ احتجاجي جلوس ڪڍي اختيارين جو ڌيان ڇڪايو آهي. جلوس ۾ شامل شاگرد به استادن خلاف پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي روڊ تي نڪري آيا.

منشي ابراهيم جي فرزند طارق منشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي قديم وسندي جي تعليم کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي. تعليم نه ملڻ ڪري ھتان جا معصوم ٻار جوا توڙي نشي طرف مائل ٿي رھيا آھن . ھنن مطالبو ڪيو تہ هتي ٻاھر جا استاد مقرر ڪري ھتان جي تعليم کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي. ***سلطانپورمان قربان علي مھر موجب گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري  اسڪول الاهي بخش منگي جي ھيڊ ماستر نثار احمد منگي، عبدالقيوم جوڻيجو، محمد شريف، عبدالرشيد ۽ ٻين وڻن جون چڪيون لڳائيون. وڻڪاري مهم ۾ استادن سان گڏ  شاگرن توڙي شاگردياڻين  به ڀرپور حصو وٺي پنهنجي حصي جا وڻ  ٻوٽا لڳايا. استادن شاگردن کي وڻن جي فائدن بابت ڄاڻ ڏني ۽ کين پابند ڪيو ته هو گهرن ۾ به وڻ پوکين. وڻ ساهه کڻڻ لاءِ صاف آڪسيجن فراهم ڪرڻ سان گڏ، ڇانو ڏين ٿا، ماحول بهتر ڪن ۽ گرمي جي گهٽتائي ۾ وڻڻ جو اهم ڪردار آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو