فيضان شيخ ۽ ماهم عامر پاران پهرين ٻار جي پيدائش جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)اداڪار ۽ ميزبان فيضان شيخ ۽ اداڪارا ماهم عامر سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي مداحن ۽ مائٽن لاءِ خوشخبري ڏني آهي ته هو جلد پنهنجي پهرين ٻار جي پيدائش جا منتظر آهن. ٻنهي اداڪارن انسٽاگرام تي گڏ ورتل رومانوي تصوير شيئر ڪندي مداحن کي ٻڌايو ته هو جلد ئي هڪ ننڍڙي مهمان جو انتظار ڪري رهيا آهن. ٻنهي اداڪارن هڪ ئي پوسٽ ۽ ساڳي تصويرون شيئر ڪندي مداحن کي ٻڌايو ته هو پنهنجي خاندان ۾ جلد هڪ نئين شخص کي شامل ڪرڻ تي تمام گهڻو خوش آهن ۽ ان سان گڏ هنن دوستن، مائٽن ۽ مداحن کي دعائن جي اپيل ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو