فيسبڪ جو سوال، ڇا توهان جو دوست جنوني آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ فيسبڪ هڪ نئين فيچر جي جاچ ڪري رهيو آهي جتي صارفين کان پڇيو وڃي ٿو ته ڇا اوھان کي ان ڳالھ جي ته  پريشان  نه آهن ته اوھان جو مٽ مائٽ يا ڪوئي دوست انتهاپسندي ڏانهن رخ ڪري رهيو آھي۔ ان کان علاوه  ڪجهه صارفن کي خبرداري وارو پيغام به  موڪليو ويندو ته انهن  شدد پسندي سان لاڳاپيل مواد ڏٺو آهي.ٻنهي خاصيتن وارن ھن ڪمن کي فيس بڪ جي ريڊاريڪٽ انيشيٽو جي تحت آزمايو پيو وڃي  جنهن جو مقصد انتهاپسندي سان منهن ڏيڻ آهي. اهي پيغام پاڻمرادو صارف کي هڪ صفحي ڏانهن وٺي ويندا آهن جتي شدد پسندي جي خلاف  ان صارف مدد ڪئي وڃي ٿي۔ فيس بڪ ترجمان چيو: ”اهي ڪم ان وڏن ڪمن جو حصو آھن  آھن جتي اسان  انهن ماڻهن جي مدد  ۽  وسيلا فراهم ڪري رھيا آھيو جن جو شدد پسند مواد سان لاڳاپو ٿيو ھجي يا وري ھو ڪنھن اھڙي سخص کي سڃاڻيندا ھجن جنھن جو شدد پسند ماڻھن جي طرف لاڙو ھجي يا ھو شدد پسند ٿئي پيو۔ هن چيو ته اين جي اوز ۽ ٻين  شعبن جي ماهرن سان ملي ڪري سندس ڪمپني منصوبي تي ڪم ڪري رهي آھي۔ ڇا ڪوئي شدد پسند بڻجي رهيو آهي ؟ انهن خبرداري وارن پيغامن جا پاپ اپ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيا پيا وڃن. هڪ پيغام ۾ لکيل ھو   ”ڇا توهان پريشان آهيو ته اوھان جو رشتيدار  شدد پسند ٿي رهيو آهي؟“ هڪ ٻي پيغام لکيل ھو ” اھو ممڪن آھي ته اوھان جي نظر مان  نقصان وارو  اھي شدد پسند مواد. تشدد پسند وارا ٽولا توهان جي ڪاوڙ يا مايوسي جو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري سگھن ٿا. توهان پنهنجي ۽ ٻين جي حفاظت ڪرڻ لاءِ قدم کڻي سگهو ٿا. “اهي ٻئي پيغام صارفين کي انهن صفحن تي وٺي ويندا آهن جيڪي انتهاپسندي سان وڙهڻ ۾ مدد ڪندا آهن. فيس بڪ چيو آهي ته ٽيسٽ انهن صارفن جي نشاندهي ڪري ٿو جيڪي تازو يا ماضي ۾ شدد پسند  مواد پڙھيو ھجي جيڪو  ھن پليٽ فارم جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو۔ ڪمپني خبر ڏيندر اداري رائٽر کي ٻڌايو ته هو اھڙو مواد ۽ اڪائونٽ معطل يا ختم ڪري ٿي جيڪي ڏسندرن  کي ڏسڻ کان اڳ  ضابطن جي ڀڃڪڙي ۾ شمار ٿي ٿو پر ڪجهه قابل اعتراض مواد ھٽائڻ کان پھريان ئي ماڻهن جي نظر ۾ اچي وڃي ٿو.”سوشل ميڊيا ڪمپنيون هاڻي پنهنجي پليٽ فارم تي غلط معلومات کي روڪڻ جا ڪيترا ئي طريقا استعمال ڪرڻ جي  ڪوشش ڪري رهيون آهن۔”انهي طريقي جي دلچسپ ڳالهه  انهي خيال تي  آهي ته اسان سوچيو تٿا ته اسين آن لائن مواد کان متاثر نه آهيون  پر ٻيا ماڻهو آهن۔ (هي اسٽوري بي بي سي اردو تي شايع ٿي جيڪا جاويد سولنگي سنڌيار لاءِ ترجمو ڪئي.)

پهنجو تبصرو موڪليو