فوڊ گدام تي ڇاپو، هزارين ٻوريون گم، رکيل ٻورين ۾ مٽي ڀريل

ڳڙهي خيرو(جاويد لغاري) ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر جيڪب آباد روشن پنھور جي درخواست تي اينٽي ڪرپشن پوليس سرڪل آفيسر محمد حنيف سرڪي جي اڳواڻي ۾ سول جج جي موجودگي ۾ ڪڻڪ جي گودامن تي ڇاپو ھنيو. ان موقعي تي اسٽاڪ ۾ موجود ڪڻڪ جي ٻورين کي کوليو ويو ته اڪثر ٻورين ۾ ڪڻڪ بجاءِ ڀوسو ۽ مٽي ڀريل ھئي. ان موقعي تي اينٽي ڪرپشن جيڪب آباد جي سرڪل آفيسر ميڊيا کي ٻڌايو ته ڊي ايف سي فوڊ روشن پنھور ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن لاڙڪاڻو عابد علي شيخ کي ھڪ درخواست ڏني ھئي ته ڳڙهي خيرو فوڊ گودام مان ڪڻڪ جون ھزارين  ٻوريون غائب آھن ۽ لڳ ڀڳ 40  ڪروڙن جي ڪرپشن ڪئي وئي آھي جنھن جي حڪم تي اسان سول جج ڳڙهي خيرو مير شاھنواز ۽ ڊي ايف سي فوڊ  سان گڏ ڳڙهي خيرو ۾ فوڊ گودام تي ڇاپو ھنيو آھي. هن ٻڌايو ته ٻاھر موجود ٻوريون 21 ھزار آھن ۽ ڪجھ ٻوريون گودامن ۾ به پيل آھن جن جي ڳڻپ بعد ۾ ڪئي ويندي. سرڪل آفيسر جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اڪثر ٻورين ۾ ڀوسو ۽ مٽي ڀريل آھي. ڊي ايف سي روشن پنھنور چيو ته فوڊ انسپيڪٽر نادر مگسي 40 ڪروڙن کان مٿي جي ڪڻڪ گم ڪري ڇڏي آھي ھن وڌيڪ چيو ته گودامن ۾ اسٽاڪ ھڪ لک ارڙھن ھزار ھو جنھن ۾ 70 ھزارن کان مٿي ٻوريون غائب آھن ۽ موجود ٻورين ۾ به ڪڻڪ ناهي. هي غير معياري ڪڻڪ ھئڻ ڪري  اسٽاڪ فلور ملز کي وڪرو به نه ٿو ڪري سگھجي. ھن وڌيڪ چيو ته معاملي بابت سيڪريٽري کي ٻڌايو آھي جنھن بعد سينٽر انچارج نادر مگسي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. ٻئي طرف ذريعن موجب گودام مان 1 لک ٻوريون غائب آھن. گرفتاري کان بچڻ لاء سينٽر انچارج نادر مگسي فرار ٿي ويو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو