’فوڊ جي گودامن مان 9 ارب روپين جي ڪڻڪ چوري ۽ خراب ٿي وئي‘

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) خوراڪ کاتي جي گودامن مان 9 ارب رپين جي هڪ لک 80 هزار ٽن ڪڻڪ گم ۽ خراب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. کاتي جي اختيارين سنڌ حڪومت کي لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو. مليل ڄاڻ موجب خوراڪ کاتي جي گودامن مان مختلف وقتن تي ڪڻڪ غائب ٿيڻ واري معاملي جي فزيڪل ويريفڪيشن ٿيڻ کانپوءِ 9 ارب رپين جي ڪڻڪ گم ۽ خراب ٿيڻ جو اسڪينڊل سامهون آيو آهي. رپورٽن  موجب خوراڪ کاتي جي گدامن مان  8 ارب 15 ڪروڙن جي ماليت جي هڪ لک 63 هزار ٽن ڪڻڪ گم ۽ 85 ڪروڙن جي ماليت جي 17 هزار ٽن ڪڻڪ خراب ٿي آهي، ان ڏس ۾ خوراڪ کاتي جي اختيارين پاران سنڌ حڪومت کي به تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مٽياري مان 330 ٽن، ٺٽي ۾ هڪ هزار 228، دادو مان 2 هزار 33، لاڙڪاڻي مان 4 هزار 356، قمبر مان 3 هزار 444، شڪارپور مان 6 هزار 123، جيڪب آباد مان 68 ٽن ڪڻڪ سرڪاري گدامن مان غائب ٿي وئي آهي، جڏهن ته  ڪشمور مان 30 هزار 300 ٽن، نوشهروفيروز مان 40 هزار 735، سانگهڙ مان 9 هزار 881، سکر مان 30 هزار 659 خيرپور مان 29 هزار 379،  گهوٽڪي مان 4 هزار 908 ٽن ڪڻڪ غائب ٿيل آهن، ذريعن موجب سنڌ حڪومت حوالي ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مختلف ضلعن  مجموعي طور تي هڪ لک 63 هزار ڪڻڪ گم ٿي وئي آهي، رپورٽ موجب ڪراچي ۾ 10 هزار 68 ٽن، ٺٽي ۾ 36، لاڙڪاڻي ۾ 400، قمبر ۾135، جيڪب آباد ۾368، ڪشمور ۾200، نوشهري فيروز ۾ 3 هزار 930، خيرپور ۾ هڪ هزار 946 ٽن ڪڻڪ خراب ٿي وئي آهي. ياد رهي ان کان اڳ ۾ گذريل سال جڏهن نيب جاچ شروع ڪئي هئي ته ٻڌايو ويو هو ته 5 ارب روپين جي ماليت جي ڪڻڪ ڪوئا کائي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو