فون کي هيڪنگ کان ڪيئن بچائجي، اهم معلومات

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اوهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته اوهان جو فون هيڪ ته نه ٿي ويو آهي؟ هيڪ ٿيندڙ فون جو ڪهڙيون نشانيون آهن ۽ اوهان کي پنهنجو فون ڪيئن هيڪنگ کان محفوظ بنائڻو آهي ان بابت اوهان سان ٽپس شيئر ڪريون ٿا. اڄڪلهه ٽيڪنالاجي جو دور آهي. نورٽن ڪمپني جي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اوهانجي فون جي ڊيٽا وڌيڪ استعمال ٿئي ٿي، بيٽري جلدي ختم ٿي وڃي ٿي ته اهي هيڪنگ جون اهم نشانيون آهن. اهڙن فون نمبر ڊائلنگ ۾ ڊائل ٿيل هجن جيڪي اوهان نه ڪيا آهن يا اوهانجي ڪانٽيڪتس ۾ نه هجن ته اها به هيڪنگ جي نشاني آهي. اڪثر ڪري واهن ايپس جيڪي ڊائون لوڊ ڪندا آهيون انهن ۾ هيڪنگ، وائرس ۽ جاسوسي جا ٽولز هوندا آهن. ان ڪري گوگلي پلي اسٽور ۽ ايپل اسٽون کانسواءِ ايپس استعمال نه ڪريو. ڪمپيوٽر سيڪورٽي جي ڪمپني ميڪ ڪيفي جو چوڻ آهي ته بليو ٽوٿ ۽ وائي فائي جي مدد سان به هيڪنگ آسان هوندي آهي. ضرورت نه هجڻ وقت اهي ٻئي ٽولز بند رکو. اوهانجو فون آهستي ٿي وڃي يا ري اسٽارٽ ٿئي ته اها به هيڪنگ جي نشاني آهي. فون هيڪ ٿيڻ بعد سمورا پاس ورڊ به هيڪ ٿيندا آهن ان صورت ۾ پاس ورڊ تبديل ڪريو. پنهنجي فون تي نظر رکو ۽ اينٽي وائرس ضرور ڊائون لوڊ ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو