فون استعمال ڪرڻ سان ڪهڙيون بيماريون جنم وٺن ٿيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄ ڪلهه سمارٽ فون جو استعمال ايتري قدر وڌي چڪو آهي جو اسان فون استعمال ڪرڻ دوران ان ڳالهه تي ڪڏهن به غور ناهي ڏنو ته شايد سمارٽ فون استعمال ڪرڻ اسان لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. هر ٽيڪنالاجي جي فائدي سان گڏ نقصان به ٿيندا آهن ان ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي اسان پاڻ اهڙيو غلطيون ڪري ويهندا آهيون جيڪي اسان لاءِ هاڃيڪار آهن. سمارٽ فون صارفين کي اڄ اسان اهڙين عام غلطين جي حوالي سان ٻڌائينداسين جيڪي توهان اڪثر ڪندا آهيو ۽ ان سان توهان جي صحت متاثر ٿي رهي آهي پر توهان جو ان طرف ڌيان ئي نه ٿو وڃي. اسان مان ڪجهه ماڻهو شديد ننڊ ئي ڇو نه هجي پر بستري تي ليٽي دير تائن سمارٽ فون جو استعمال ڪندا آهن ۽ انڌيري ۾ فون استعمال ڪرڻ سان ان مان نڪرندڙ نيري روشني اسان جي جسم مان نڪرندڙ هارمون ميلاٽونن کي وڌائڻ کان روڪيندي آهي ميلاٽون اسان جي جسم ۾ سمهڻ ۽ جاڳائڻ جو ڪردار ادا ڪندي آهي اهو ئي سبب آهي جيڪڏهن هارمون پيدا نه ٿيندا ته انسان جي ننڊ متاثر ٿيندي. ان کان علاوهه نيري روشني اکين کي ڪمزور ڪرڻ سان گڏ سور جو سبب به بڻجندي آهي. اسان مان کوڙ سارا ماڻهو سمارٽ فون کي پنهنجي وهاڻي هيٺان ڏئي سمهڻ جا عادي آهي ۽ اها اسان جي سڀ کان وڏي غلطي آهي ڇاڪاڻ ته سمارٽ فون هڪ اليڪٽرو ميگنيٽڪ ٽرانسميٽر ۽ رسيور آهي جنهن جو مطلب اهو آهي ته ان کان ريڊيو ويوز نڪرندي آهي ۽ اهي ويوز انسان جي دماغ کي متاثر ڪندي آهي. ضروري آهي ته سمهڻ وقت موبائل مڪمل طور بند ڪري رکيو يا ان کي ٻئي ڪمري ۾ رکي سمهو. ان کان علاوهه سمارٽ فون جي استعمال ڪرڻ سان هڪ ٻي صحت جي خرابي به ٿي سگهي ٿي جنهن کي ٽيڪسٽ نيڪ چوندا آهن جهڙي طرح اسان ڪنڌ جهڪائي فون جو استعمال ڪندا آهيون اسان جي جسم جي سروائيڪل اسپائن تي دٻاءُ وڌندو آهي جيڪو وقت سان گڏوگڏ وڌندو به ويندو آهي. ڪنڌ ۾ سور پوڻ سان گڏ اسان جي جسم جو پويون حصو به متاثر ٿيندو آهي سمارٽ فون استعمال ڪندڙ صارفين ان ڳالهه جو خاص خيال رکن ته اسڪرين تي ڏسڻ وقت ڪنڌ بلڪل سڌو هجي.

پهنجو تبصرو موڪليو