’فوج ۽ عدليا کان ماضي ۾ غلطيون ٿيون، مافيا جي تنقيد ٺيڪ ناهي‘

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي لابي پاڪ فوج کي بدنام ڪرڻ واري مهم هلائي رهي آهي ۽ گذريل ٽن سالن واري عرصي ۾ مون کي سڀ کان وڌيڪ تڪليف ان وقت ٿي جڏهن پاڪستان جي ڪرپٽ مافيا پاران رياستي ادارن ۽ خاص ڪري فوج کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. فوج کي تنقيد جو نشانو بڻائي حڪومت کي ڪيرائڻ جا مطالبا ڪيا ويا. فوج ۽ عدليه کان به ماضيءَ ۾ غلطيون ٿيون آهن ۽ مون به ماضيءَ ۾ فوج تي تنقيد ڪئي هئي. پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته اسان انهن ادارن مان ڪنهن حڪومت کي ڪيرائڻ جي توقع ڪيون. وزيراعظم اهڙو اظهار پنهنجي حڪومت جي ٽن سالن واري ڪارڪردگي بابت اسلام آباد ۾ ٿيل تقريب کي خطاب دوران ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان کي خبر آهي ته ڀارتي لابي پاڪ فوج کي بدنام ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهي آهي. اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته افغانستان ۾ طالبان کي ڪاميابي پاڪ فوج جي ڪري ملي آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽن سالن جي ڪارڪردگي جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته هن جي حڪومت ڪورونا جهڙي عالمي وبا کي جنهن اثرائتي انداز ۾ منهن ڏنو، ان جي عالمي ادارن ۽ فردن به واکاڻ ڪئي. پرڏيهي ميڊيا به تصديق ڪئي ته پاڪستان ڪورونا وبا تي ڪاميابيءَ سان ڪنٽرول ڪندڙ دنيا جي ٽن ملڪن ۾ شامل آهي. وزيراعظم معاشي مسئلن جو ذڪر ڪندي چيو ته جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته ان وقت ملڪ جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالرز تائين پهتل هو، جيڪو هاڻي گهٽجي هڪ ڏهائي 8 ارب ڊالرز تائين پهتو آهي. اسان جي اقتدار سنڀالڻ وقت مٽاسٽا واري پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا  16.4 ارب ڊالر هئا، جيڪي هاڻي 27 ارب ڊالرز تائين پهتا آهن. عمران خان چيو ته 3 سال اڳ ملڪ جي ٽيڪس ڪليڪشن جو حُجم 3 هزار 800 ارب روپيا هو، جيڪو هاڻي 4 هزار 700 ارب روپين تائين پهچي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته هي انگ اکر اسحاق ڊار وارا نه پر حقيقي انگ اکر آهن. وزيراعظم پنهنجي سياسي مخالفن تي تنقيد ڪندي چيو ته هو عوام ۾ مايوسي پيدا ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته هو پراڻو ڪرپٽ نظام واپس آڻڻ چاهين ٿا. عمران خان چيو ته ملڪ جي 40 لک غريب خاندانن کي بنا وياج جي قرض ڏينداسين. اهو قرض هر خاندان جي ڪنهن هڪ فرد کي ڏنو ويندو. هن چيو ته نيب 18 سالن ۾ 298 ارب وصول ڪيا اسانجي ٽن سالن ۾ ساڍا پنج سو ارب وصول ڪيا، پنجاب ۾ سوا پنج سو ارب روپيا اينٽي ڪرپشن وصول ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو