فوجي جهاز تباهه 5 فوجين سميت 18 سڙي فوت، 12 زخمي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فوجي ترجمان موجب آرمي ايوي ايشن جو تربيتي جهاز راولپنڊي لڳ مورا ڪالو ۾ تباهه ٿيڻ سبب 5 فوجي اهلڪارن سميت 17 ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي ٿي ويا آهن. جهاز معمول جي پرواز تي هو، شهيد ٿيلن ۾ 2 پائلٽ ليفٽيننٽ ڪرنل ثاقب، ليفٽيننٽ ڪرنل وسيم، نائب صوبيدارافضل، حوالدار ابن امين ۽ حوالدار رحمت شامل آهن. فوجي ترجمان جو چوڻ آهي ته جهاز معمول جي پرواز تي هو، ڪرڻ بعد کيس باهه وڪوڙي وئي جيڪا وسائي وئي آهي ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو ويو آهي. فرانسيسي خابرو ادار اي ايف پي عيني شاهدن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته جهاز ڪرڻ سان ئي کيس باهه وڪوڙي وئي ۽ ڪيترائي ماڻهو سڙي فوت ٿيا آهن. محمد صادق موجب رات جو خوفناڪ ڌماڪي تي هن جي اک کلي وئي ۽ ٻاهر آيس ته باهه جا شعلا بلند هئا ۽ ماڻهن جا ڪيهاٽ هئا. هن موجب رات جو 2 وڳي اهو حادثو پيش آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو