فوجي ترجمان حاصل بزنجو جي بيان کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو

راولپنڊي (ڊيسڪ رپورٽ) سينيٽ چيئرمين جي عدم اعتماد واري رٿ تي اپوزيشن جي 14سينيٽرن جون وفاداريون مٽائڻ لاءِ ڊي جي آءِ ايس آءِ کي ذميوار قرار ڏيڻ واري حاصل بزنجو جي بيان کي فوجي ترجمان بي بنياد قرار ڏيندي رد ڪيو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور ٽوئيٽ ذريعي جاري ڪيل پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته پنهنجي سياسي فائدي لاءِ جمهوري عمل کي بدنام ڪرڻ واري روايت جمهوريت جي خدمت ناهي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ قومي اداري جي سربراهه کي ملوث ڪرڻ بابت حاصل بزنجو جا ريمارڪس بي بنياد آهن. واضح رهي ته گذريل ڏينهن سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿي وئي هئي، اپوزيشن جي 64 ميمبرز مان رڳو 50 ميمبرز رٿ جي حمايت ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو هو. رٿ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ صحافين اپوزيشن جي سينيٽ چيئرمين شپ لاءِ اُميدوار حاصل بزنجو کان سوال ڪيو ويوهو ته ڪهڙا سينيٽر فري ويا آهن ته حاصل بزنجو جواب ڏيندي چيو هو ته اُهي جنرل فيض حميد جا ماڻهو هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو