فوجين سان ڪو به ڳجهي ملاقات نه ڪري، نواز شريف

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف پنهنجي پارٽي اڳواڻن تي اڄ کانپوءِ فوجي قيادت سان ڳجهي ملاقاتن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. هن ٽوئٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته تازن واقعن مان هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ٿئي ٿو ته ڪجهه ملاقاتن تي پردو رکيو وڃي ٿو ۽ ڪجهه ملاقاتون ظاهر ڪري انهن جو مرضي جو مطلب ڪڍيو وڃي ٿو،

هن چيو ته آئنده قومي دفاع ۽ آئيني گهرجن ۽ خود فوجي قيادت جي حلف جي پاسداري لاءِ ضروري آهي ته آئنده ڪو به پارٽي اڳواڻ ذاتي، پارٽي يا ذاتي حيثيت ۾ فوي سربراهن يا ايجنسين وارن سان ملاقات نه ڪن. آئيني تقاضا موجب ضرورت پوڻ تي پارٽي قيادت جِي منظوري سان ملاقات ڪئي ويندي جيڪا اعلانيل هوندي ۽ ان کي ڳجهو نه رکيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو