فوجداري ڪيس ۾ فيصلي ۾ دير جو جج کي سبب لکڻو پوندو، فواد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪرمنل قانون ۾ ترميمون تقريبن مڪمل ٿي چڪيون آهن، جنهن کانپوءِ جج لکت ۾ ٻڌائڻ جو پابند هوندو ته ٽرائل ۾ دير ڇو ٿي رهي آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته حڪومت جو هر ڪرمنل ڪيس ۾ عمل دخل هوندو آهي ۽ ڏوهن جو خاتمو آڻڻ رياست جي ذميواري آهي، جڏهن ته رياستي مشينري لاءِ ضروري آهي ته عثمان مرزا جهڙن ڪيسن کي انجام تائين پهچائي. هن چيو ته ڪرمنل قانون ۾ ترميمون لڳ ڀڳ مڪمل ٿي چڪيون آهن، جج لکت ۾ وضاحت ڪرڻ جو پابند هوندو ته ٽرائل ۾ دير ڇو ٿي رهي آهي، ان کان علاوه پوليس ايڪٽ ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن جنهن سان وڏو فرق پوندو. فواد چوڌري چيو ته عدليه، صوبا ۽ قانون واري وزارت کي گڏ ويهڻ گهرجي، اهي ڪيسز جن ۾ عمومي رياستي عمل متاثر ٿيڻ جو تاثر هجي ان تي هرجاڻي جي اجازت ناهي هوندي. واضح رهي ته اسلام آباد ۾ ناري ۽ نوجوان تي تشدد واري ڪيس ۾ متاثر ڇوڪريءَ جو بيان حلفي منظر عام تي اچڻ کانپوءِ حڪومت ڪيس جي خود پيروي جو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو