فوت ٿيل پوليس اهلڪارن جي خاندانن لاءِ مالي فائدن جو پيڪيج منظور

ڪراچي (استاف رپورٽر) سنڌ ۾ 10 سالن جي عرصي دوران فوت ٿيل پوليس اهلڪار جي وارثن کي 25 هزار رُپيا ماهوار ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي صدارت هيٺ اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته ڪو اهلڪار 10 سالن جي ملازمت دوران فوت ٿئي ٿو ته ان جي پونيئرن کي 25 هزار روپيا ماهوار ڏيڻ جو سلسلو جاري رهندو. جڏهن ته شهيد اهلڪار جي ڪفن دفن جي ذميواري کڻڻ سان گڏ وارثن کي ٿڏي تي 3 لک روُپين جي امداد ڏني ويندي، ته جيئن سندن زندگي بهتر نموني گذري سگهي. آءِ جي سنڌ جي ترجمان موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويوآهي ته 10 سالن جي نوڪري دوران فوت ٿيندڙ اهلڪار جي وارثن کي 25 هزار رُپيا ماهوار ڏيڻ جي حوالي سان هر ڇهين مهيني جائزو ورتو ويندو. آءِ جي سنڌ ڪليم امام اي آءِ جي ويلفيئر سنڌ کي هدايت ڪئي ته اسڪول، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز جي انتظاميا سان رابطا ڪري شهيد پوليس اهلڪارن جي ٻارن جي تعليم کي جاري رکڻ جي حوالي سان ڪوٽا مخصوص ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو