فواد چوڌري جي خواب ۾ رڳو ڇيڇڙا هوندا آهن، مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته فواد چوڌري جي خواب ۾ سدائين ڇيڇڙا هوندا آهن. فواد چوڌري جي بيان تي ردعمل ڏيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته پي ٽي آءِ ڪنهن جي سهاري بيٺي آهي، اها سڀني کي خبر آهي. نااهل سرڪار جون عوام ۾ پاڙون ناهن، سليڪٽڊ حڪومت ڪيستائين پنهنجي نااهليءَ جو گند ٻين تي اڇلائيندي رهندي. هن چيو ته اي ٽي ايم سرڪار هر شعبي ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، پي ٽي آءِ جا ترجمان تسليم ڪن ته ملڪ جو عوام بدترين مهانگائي سان متاثر آهي، اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن نااهل حڪومت جو تختو اونڌو ٿيندو. سندس چوڻ هو ته پ پ عوامي جماعت آهي، مقبوليت جو اندازو ضمني چونڊن مان لڳائي سگهجي ٿو، پ پ جي اقتدار ۾ اچڻ سان ملڪ ۾ حقيقي جمهوري راڄ هوندو. واضح رهي ته فواد چوڌري پ پ تي به تنقيد ڪندي چيو هو ته پ پ زرداري ۽ بلاول جي پارٽي آهي، اها بينظير واري پارٽي ناهي، پ پ کي سنڌ جي ٻهراڙي کانسواءِ ڪٿي به ووٽ نه ملندو.

پهنجو تبصرو موڪليو