فنڪارن جو راڳ ڳائي احتجاج، لاڪ ڊائون کوليو بک ٿا مرون

نوشھرو فيروز (منظور ملڪ)مقامي فنڪار لياقت سولنگي باسط ٻٻر ۽ سندس ساٿي ڍولڪ نواز ببلو عباسي پرويز مڱڻھار ۽ ٻيا لاڪ ڊائون مان بيزار ٿي ساز سامان کڻي روڊن تي نڪري  ڳائي وڄائي پني انوکو احتجاج ڪيو جيڪي ٺارو شاهه ۾ سرڪاري اسپتال کان ريلي جي صورت ۾ پريس ڪلب پهتا جتي احتجاج ڪرڻ بعد راڳي لياقت سولنگي باسط ٻٻر ۽ ٻين ٻڌايو ته عالمي وبا ڪورونا وائرس کان بچاءِ لاءِ سنڌ حڪومت پنجن مهينن کان لاڪ ڊائون جي ڪري سخت پريشان آھيون هنن چيو ته اسان جو گذر سفر عوامي محفلن شادين ڪاڄن ميلن ملاکڙن جي تقريبن تي آھي جڏھن کان لاڪ ڊائون شروع ٿيو آھي ته اسان فاقاڪشي تي مجبور آھيون مٿان عيد ويجهو اچي رهي آھي ٻچن لاءِ  ڪپڙا نه ڪو سامان وٺي سگهيا آھيون هنن چيو ته اسان فنڪارن جي حڪومت سنڌ مقامي چونڊيل نمائندا توڙي ڊي سي نوشهروفيروز سميت ٽائون جي چيئرمين ڪنهن به ڪا به مدد نه ڪئي آھي جنهن سبب اڄ مجبور ٿي روڊن تي ڳائي خيرات وٺڻ تي مجبور آھيون هنن چيو ته لاڪ ڊائون ۾ ڪافي شعبن جي روزي روٽي جا ذريعا کوليا ويا آهن  اسان فنڪارن ڊيڪوريشن ايڪوسائونڊ وارن تي پابندي برقرار سمجهه کان ٻاهر آهي هنن سنڌ حڪومت ۽ سرنديء وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور تي محفلن موسيقي تان پابندي ختم ڪري  اسان غريب فنڪارن ۾ ڦهليل بيچيني ختم  ڪري پريشانين کان بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو