فني خرابي سبب اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار معطل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (PSX) تي واپار ”ٽيڪنيڪي مسئلن“ سبب ٻن ڪلاڪن لاءِ عارضي طور تي معطل ڪيو ويو آهي. اسٽاڪ مارڪيٽ جي ويب سائيٽ تي هڪ بيان ۾چيو ويو آهي ته “جيڊ تجارتي ٽرمينل (JTT) ۾ ڪجهه ٽيڪنيڪل مسئلن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي”. بيان ۾ چيو ويو آهي ته معاملن جو تفصيلي جائزو وٺڻ ۽ سيڙپڪارن جي مفادن جي تحفظ لاءِ ايڪسچينج اڄ منجهند 12 وڳي کان 2 وڳي تائين ٻن ڪلاڪن لاءِ ڪاروباري سيشن معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ”مارڪيٽ ٻن ڪلاڪن ۾ پري اوپن سان ڪاروباري سرگرمي ٻيهر شروع ڪندي ،“ بيان موجب مارڪيٽ بند ٿيڻ کان اڳ 100 انڊيڪس 694 پوائنٽس مٿي 45,922 پوائنٽس تي هو. سعودي عرب پاران سوا چار ارب ڏيڻ ۽ آءِ ايم ايف سان مثبت ڳالهين جي خبرن سبب مارڪيٽ ۾ تيزي آئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو