فلم، ٽي وي ۽ اسٽيج جي اداڪاره نگهت بٽ لاڏاڻو ڪري وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فلم، ٽي وي ۽ اسٽيج ڊرامن جي معروف اداڪاره نگهت بٽ گذريل ڏينهن انتقال ڪري وئي. نگهت بٽ 3 ڏهاڪن تائين فلم، ٽي وي ۽ اسٽيج تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي رهي، هو وارث ۽ مرزا ايندڊ سنز سميت ڪيترن ئي ڊرامن ۾ پنهنجي لازوال ادڪاري جي ڪري اڄ به ماڻهن کي يا آهي. نگهت بڊ، شوگر، بلڊ پريشر ۽ دل جي مرض ۾ مبتلا هئي ۽ آخري ڏينهن تڪليفن ۾ گذاريا معاشي تنگ دستي سبب گهر جو ڪرايو به نه ڏئي سگهندي هئي جنهن تي حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا ياد داشت نامون پيش ڪيو ويو پر ان باوجود هن جي ڪنهن به سار نه لڌي. اداڪاره جي جنازي نماز گذريل ڏينهن ماڊل ٽائون اي بلاڪ ۾ ادا ڪئي وئي جنهن کان پوءِ ان جي مقامي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو