فقير جادم مڱريو ڪورونا سبب وفات ڪري ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو، هو گذريل ٽن ڏينهن کان ڪورونا وائرس سبب ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ داخل هو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. جادم مڱريو اڳوڻي پير سائين پاڳاري جو ويجهو ساٿي رهيو، هو 2008 کان 2013 تائين سانگهڙ جي قومي اسمبلي واري تڪ 234 تان مسلم ليگ (ف) جي ٽڪيٽ تي پيپلز پارٽي جي غلام محمد جوڻيجو کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. هن 2 شاديون ڪيون هيون، پهرين گهرواري مان 2 نياڻيون هيس ۽ پٽ جي اولاد نه هئس. پهرين گهرواري جي وفات بعد هن ٻئي شادي 1981 ۾ ڪئي جنهن مان 6 پٽ ۽ 3 نياڻيون ٿيس. هڪ پٽ چڪن پوپس سبب گذاري ويو باقي ٻيا حيات اٿس. وڏو پٽ ڪاروبار ڪندو اٿس ۽ هڪ پٽ بيرسٽر اٿس، هڪ ٻني ٻارو سنڀاليندو آهي ته هڪ حافظ قرآن آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو