فصل ڀيلائيندڙ با اثر خلاف ڪاروائي ڪريو، متاثر

جوهي (ن سنڌيار)ڪاڇي جي ڳوٺ واهي برادي جي رهواسي  عورتن پاران  بااثرن جي زيادتين خلاف پريس ڪلب پهچي صحافين آڏو  احتجاج ڪندي مسمات نوران ٻٻر, زاهدان ٻٻر, حوا ٻٻر الزام هنيو ته اسان جي ابي ڏاڏي جي زمين تي بااثر ماڻھون قبضو ڪرڻ لاء  پنهنجو چوپايو مال اسان جي پوکيل فصل تي ڇڏي ڀيل ڪرائڻ سان گڏ زمين تي بيٺل قيمتي وڻ پڻ وڍرائي کڻي ويو آھي, منع ڪرڻ تي جوابدار شريف ٻٻر پنهنجي  پٽن منٺار, صفر, امتياز, سعيد الله ٻٻر سان اسان جي گهرن ۾ گهڙي وارن مان وٺي اسين عورتن مٿان سخت تشدد ڪري ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا جوابدار ڌر پاران زوري زمين تي قبضو ڪري ٽريڪٽر سان هر ڏيئي غيرقانوني طور زمين آباد ڪرڻ شروع ڪئي آھي ,اسان اهڙي دانهن ڊرگھ بالا ٿاڻي تي ڏني آھي جتي  اين سي داخل ڪرائڻ بعد پوليس  ميڊيڪل لاء ليٽر جاري ڪيو, ٽي  ڏينهن گذرڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آھن , جوابدار اثر رسوخ رکندڙ آهن  اسان کي  انهن مان خوف آهي ڪنهن به وقت جاني مالي نقصان پهچائي سگهن ٿا  هنن آء جي سنڌ, ڊي آء جي حيدرآباد, ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته  بااثرجوابدارن خلاف قدم کڻي اسان  کي  تحفظ  فراهم ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو