فصل جي ڀيل تان وڏيري جو پورهيت کي ڪٽڪو،ٻڪريون ضبط

خيرپور (مجاھد سولنگي) ڳوٺ بهارو لاشاري ۾ مال جي ڀيل تان وڏيرو پورهيت باغ علي لاشاري مٿان ڏمرجي سندس گهر تي ساٿي جوابدارن جمشيد، صدام ،جاويد ،عابد، ساجد لاشاري ۽ ٻين سان  حملو ڪيو، پورهيت جي گهر واري مسمات هير لاشاري کي ڏنڊا هڻي زخمي ڪري ڇڏيو،معصوم گونگن ٻارن کي پڻ سخت تشدد جو نشانو  بڻايو، ۽ پورهيت جي گهر ۾ بيٺل چار ٻڪريون ڪاهي فرار ٿي ويا، جنهن جي خلاف پورهيت ڪوٽ ڏجي ٿاڻي تي وڏيري جي ظلم خلاف فرياد کڻي ويو ته ،ڪوٽ ڏجي پوليس وڏيري جي وانگار وهندي  الٽو پورهيت باغ علي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ۾ ابتو ٽنگي ڇڏيو، جڏهن ته باغ علي لاشاري جي پيرسن ماءُ مسمات اميران، زال مسمات حير خاتون، معصوم ۽ معذور گونگن ٻارڙن دعا، ام فروا، آيت، ضامن علي، علي رضا ۽ ٻين پريس ڪلب خيرپور پهچي صحافين آڏو دانهيدي چيو ته با اثر وڏيري امداد علي لاشاري ڏوهارين ۽ پوليس جي مدد سان اسان سان ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، ڪوٽ ڏجي پوليس به ساڻس ٻٽ بڻيل آهي. هنن چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت اعليٰ عدليا ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.   

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو