فصل جي ڀيل تان جهيڙو عورت سميت 12 ڄڻا زخمي

روهڙي (ن سنڌيار)جهانگڙو ٿاڻي جي حد ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو لٺيون ڪھاڙيون جو آزادانا استعمال ٿيڻ سبب ھڪ عورت سميت ٻنھي ڌرين جا 12 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. ڳوٺ ماڙي منڊوديرو ۾ مال جي ڀيل تان ٿيل جهيڙي ۾ لٺيون ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي طبي علاج لاءِ تعلقه اسپتال روهڙي آندو ويو، جتي زخمين جو علاج جاري آهي زخمين ۾ راڻو شر، علي گوهر، لکمير علي، ۽ مائي شھزادي ۽ ٻيا شامل آهن، زخمين جي وارثن جو چوڻ آهي ته جهيڙي جو اطلاع جھانگڙو ٿاڻي تي ڏنو ويو آهي پوليس ٻنهي ڌرين جي زخمين کي طبي امداد لاءِ ليٽر ڏئي علاج لاءِ اسپتال موڪلي ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو