فصلن جي بهتر اپت بابت آگاهي سيمينار

(مبارڪپور) ياسر مئريج ھال ۾ ايس  ايس ای فارم ڪيميڪل ڪمپني پاران زميندارن کي فصلن ۾ ڀاڻ وجھڻ جي حوالي سان ڄاڻ ڏيڻ بابت سيمينار منعقد ڪيو ويو ،جنھن ۾ علائقي جي آبادگارن ، زميندارن ۽ صحافين شرڪت ڪئي. جنرل مئنيجر اطھر رحمان ، زونل مئنيجر زاھد نون ، ريجنل سيلز مئنيجر عبدالوحيد شيخ ، ٽيڪنيڪل سيلز آفيسر شفقت حسين نوناري سميت علائقي جي زميندارن ، آبادگارن ، صحافين ۽ڊيلرن شرڪت ڪئي ، سيمينار ۾ ويٺل ماڻھن کي فصلن ۾ ڀاڻ ڪيئن ، ڪيترو ۽ ڪھڙو ڀاڻ وجھڻ جي حوالي سان ڪمپني جي زونل مئنيجر زاھد نون ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته جيڪب آباد ، شڪارپور ، ڪنڌڪوٽ سکر جي علائقي واري زمينن ۾ کارپڌ جو مقدار وڌيل آھي ، جنھن ڪري کار پد جي وڌيل مقدار کي نظر ۾ رکندي انھي قسم جا ڀاڻ فصلن ۾ استعمال ڪيا وڃن جيئن ميون ڀاڄين جي فصلن جي وڌيڪ پيداوار حاصل ڪري سگھون ،  سيمينار ۾ ايس عيسی ڪيميڪل ڪمپني جي جنرل مئنيجر اطھر رحمان ٻڌائيندي چيو ته ڪمپني کي 40 سال مڪمل ٿي چڪا آھن ڪمپني پاران  آبادگارن ۽ زميندارن کي ڄاڻ ڏيڻ بابت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سيمينار ڪيا پيا وڃن ، ھوڏانھن سيمينار کي خطاب ڪندي ڪمپني جي ٽيڪنيشن سيلز آفيسر شفقت حسين نوناري خطاب ڪندي چيو ته ڪمپني جي اھڙن پروگرامن بعد  جيڪب آباد ٺل مبارڪپور جي آبادگارن ۾ تمام سٺي ڄاڻ اچي چڪي آھي جيڪا خوشي جي ڳالھ آھي

پهنجو تبصرو موڪليو