فردوس عاشق اعواڻ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، فور منظور ٿي وئي

لاهور(بيورو رپورٽ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي اطلاعات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ’ذاتي سببن‘ جي ڪري پنھنجي عھدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. فردوس عاشق اعواڻ پنھنجي استعيفيٰ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار کي اماڻي ڇڏي آھي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار فردوس عاشق اعواڻ جو استعيفيٰ منظور ڪري ڇڏيو آھي. ياد رھي ته فردودس عاشق اعواڻ پريس ڪانفرنس ۾ عون چوڌري جي بيان جو جواب ڏنو ھو. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي خصوصي معاون سياسي معاملا عون چوڌري کان بھ استعيفيٰ گھري وئي ھئي جنھن کانپوءِ ھن کي ڊي نوٽيفائيڊ ڪيو ويو. ملڪ اسد کوکر کي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جيڪو سڀاڻي حلف کڻندو.

پهنجو تبصرو موڪليو