فرانس جو وزيراعظم ڪابينا سميت استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

پيرس (مانيٽرنگ ڊيسڪ) فرانس جي وزيراعظم ايڊورڊ فلپ نامعلوم سببن ڪري ڪابينا سميت استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. فرانس جي صدر ايما نوئيل ميڪرون سندن استعيفائون منظور ڪري ڇڏيون آهن ۽ مستٿفي وزيراعظم کي نئين حڪومت جي قيام تائين ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. خابرو اداري رائٽر جو چوڻ آهي ته وزيران جي کاتن جي ردو بدل جي معاملي تي صدر ۽ وزيراعظم ۾ اختلاف هلندڙ هئا. فرانس جي صدارتي محل ايلسي پيلس مان جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ تفصيل ناهن ٻڌايا ويا. فرانس ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ ۾ باقي 21 مهينا رهيل آهن ۽ ٿي سگهي تو ته صدر ٻيهر ساڳئي وزيراعظم کي مقرر ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو