فرانس جو اغوا ٿيل جهاز ۽ اسرائيلي ڪمانڊوز جو آپريشن

27 جون 1976 تي  هڪ مسافر جهاز تل ابيب  اسرائيل کان پيرس ڏانهن وڃي رهيو هو ته چار اغوا ڪندڙن ان جھاز کي  يوگنڊا  اغوا ڪري ويا۔ ايئر فرانس جي جهاز  ۾ ڪل 250 ماڻهو سوار هئا  جن مان 100 کان وڌيڪ اسرائيلي يا يهودي هئا. اڏام يونان جي گادي واري شهر ايٿنس کان ٿيندي پيرس تائين پهچڻ واري هئي. جڏهن جهاز ايٿنس پهتو  ته ان ۾ وڌيڪ مسافر  سوار ٿي ويا۔ جن ۾ چار اغوا ڪارن سميت  58 ماڻهو  شامل هئا۔  جھاز جي اڏام جي فوراً بعد اغوا ڪندڙن جھاز  کي ليبيا جي شهر بن غازي ڏانهن موڙيو  ۽ ڪجهه ڪلاڪ رھڻ  ۽ جھاز ۾  تيل ڀرائڻ کان پوء ھن  جهاز جي اڳلي منزل يوگينڊا جي شھر اتنبي ھئي۔ جتي ان وقت جي فوجي ڊڪٽيٽر عيدي امين جي حڪومت هئي. جهاز 28 جون 1976 تي يوگنڊا پهتو. ھي جهاز فلسطين جي آزادي واري  سرگرم تحريڪ  پاپولر فرنٽ فار  لبريشن آف فلسطين ايڪسٽرنل آپريشن ( پ ايف ايل پي۔ اي او)  جي حڪم تي اغوا ڪيو ويو۔  ( پي ايف ايل پي جو ھي ٽولو جارج حباش پ ايف ايل پي  جي ٽولي  کان ڌار ٿي چڪو هو).

انهيءَ ڪارروائي ۾ جرمني جي  کاٻي ڌر جي  گوريلا تنظيم جا ٻه ميمبر به شامل هئا.  ھوائي اڏي تي اغوا ڪندڙ  سان   پي ايف  ايل پي جا  ٽي ٻيا به  ساٿي شامل ٿيا ويا۔ اغوا ڪندڙن مطالبو ڪيو ته اسرائيل ۾ قيد  40 شدت پسندن  ۽ 13 شدت پسند جيڪي  ٻين ملڪن ۾ قيد آھن انھن کي آزاد ڪريو. يوگنڊا جو صدر عيدي امين پڻ انھن اغوا ڪارن  سان گڏ رهيو ۽ کين هٿيار ۽ فوج فراهم ڪئي. جهاز تان سڀني يرغمالين کي اتنبي ايئرپورٽ جي پراڻي ٽرمينل  جي بلڊنگ ۾ منتقل ڪرڻ کان پوءِ اغوا ڪندڙن اسرائيلين  ۽ غير اسرائيلي يهودين کي وڏي ٽولي کان  جدا ڪري  انهن کي هڪ الڳ ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو. جيئن ئي اسرائيلي حڪومت اغوا جو ٻڌو ته  ان وقت ئي فوجي منصوبه بندي وارن   پنھنجي “آپشن” تي غور ڪرڻ شروع ڪيو.

اغوان ڪندڙن جي “ڊيڊ لائن” ۽ اسرائيل تي دٻاءُ

29 جون تي   اتنبي ۾ لينڊ ڪرڻ جي هڪ ڏينهن بعد  اغوا ڪندڙن مطالبو ڪيو ته اسرائيل ، فرانس ، جرمني ، سوئٽزرلينڊ ۽ ڪينيا ۾ قيد اسان جي  53 ڪامريڊن کي آزاد ڪيو وڃي. اغوا ڪندڙن اعلان ڪيو ته جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته پوء  اهي  مسافرن کي1 جولاءِ تي مقامي وقت مطابق رات 2 وڳي  قتل ڪرڻ شروع ڪندا . اسرائيل جو اڳوڻو وزيراعظم ايهود باراڪ 1976 ۾ اسرائيلي ڊفينس فورسز جي آپريشنز برانچ ۾ ڪرنل هو ۽ هن جي شاخ کي بچاءُ واري آپريشن جي منصوبابندي جو حڪم ڏنو ويو هو. هن بي بي سي کي ٻڌايو ته اسرائيلي سياسي قيادت ۾ ڪنهن به قسم جي  فيصلي ڪرڻ لاء  تمام گهڻو دٻاء ھيو۔ هن موجب ”اسرائيل جي ان وقت جي وزيراعظم اضحاق رابن جي ڪنڌن تي ڪافي جذباتي ۽ نفسياتي دٻاءُ هو.“ مغوين  مان سندس گھڻا دوست هئا ، پر هو عقلمند ۽ غير جذباتي فيصلا ڪرڻ  ۾ صحيح رھيو ۽ هن انهن ڏينهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. اغوا جي ٽن ڏينهن کانپوءِ ان وقت ڪجهه اميد اڀري جڏهن  ڌمڪي  جي اڳئين ڏينھن يعني 30 جون تي  اغوا ڪندڙن 47 (غير اسرائيلي) ماڻهن کي آزاد ڪيو ۽ انھن کي پيرس وٺي ويا تڏھن ئي اسرائيلي اختيارين فوري طور تي پيرس ۾ موساد جي ايجنٽن کي فورن پيرس روانو ڪيو ته جيئن آزاد ڪيل مسافرن کان معلومات حاصل ڪري سگھجي۔ براڪ  جي مطابق ان مان اسان کي ٻه اھڙيون ڳالھيون معلوم ٿيو ن جن ان منصوبه بندي ۾ تمام گھڻي مدد ڪئي.

”هڪ اهو هو ته يوگنڊا جي فوج شدت پسندن سان مڪمل تعاون ڪري رهي هئي ۽ ٻيو اهو ته اسان عملي طور عمل ڪرڻ جي لاءِ پراڻي ٽرمينل بلڊنگ جي باري ۾ ڪافي ڄاڻ حاصل ڪري ورتي جنھن جي بنياد تي اسان ڪاروائي ڪرڻ جي قابل ٿيا سين۔ بچاء واري عمل  بابت ڪو حتمي فيصلو نه ڪرڻ جي وجھ سان جڏهن 1 جولاءِ جي ڊيڊ لائين ويجهو آئي ته اسرائيلي حڪومت اغوا ڪندڙن سان ڳالهين جي لاء حامي ڀري ۽ اغوا ڪندڙن 4 جولاءِ تائين مسافرن کي مارڻ جي آخري تاريخ ۾ واڌ ڪئي ۽ 101 ٻين مغوين کي به آزاد ڪري ڇڏيو۔ ھاڻي اغوا ڪندڙن جي قيد ۾ صرف اسرائيل ۽ غير اسرائيلي يهودي ۽ فرانسيسي ايئر لائن جو عملو  موجود ھيو۔

3 جولاءِ تي  اسرائيلي ڪابينا ھن مشن جي منظوري ڏني. ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ بچاءُ ڪندڙ ٽيم پنهنجي مشن لاءِ رواني ٿي۔ ڪنهن سوچيو به نه ھو ته 2500 ميل پري کان 4 اسرائيلي فوجي جهازن ۾ 200 ڪمانڊوز انتبي ايئرپورٽ لاءِ روانا ٿيا۔   انھن سي 130 جھازن  مختلف طرفن کان اڏام ڪئي ته جيئن ڪنھن کي شڪ به نه ٿئي ۽ انھن جھازن ڳاڙھي سمنڊ  مٿان صرف 100 فٽن جي مٿاهين تان اڏام ڪئي جيئن مصري ۽ سعودي ريڊارن کان بچي سگھجي۔ منصوبو اھو ھو ته  اسرائيل جي بچاءُ واري ٽيم  انتبي پهچي ڪري  گاڏين ۾ چڙھي  اولڊ ٽرمينل جي طرف ويندي۔ اسرائيلي ٽيم جي  پهرين جھڙپ ڪنٽرول ٽاور جي ويجهو ٻن يوگنڊين فوجين سان ٿي  جن کي اسرائيلي فوجين جي قافلي کي روڪڻ جي ڪوشش ۾ ماريو ويو. ھاڻي ”سرپرائيز“ ڏنو ويو ھو ۽ اسرائيلي فوجي لشڪر پيدل ئي اولڊ ٽرمينل ڏانھن روانو ٿيو. اسرائيلين چيو ته ان آپريشن جي صرف چند منٽن ۾ ست ويڙهاڪ ۽ 20 يوگنڊا جا فوجي اهلڪار ماري ڪري پنھنجي ماڻھن کي آزاد ڪرايو . آپريشن دوران يرغمالين مان  ٽي مارجي ويا جڏهن ته اسپتال ڏانھن  ان کان اڳ موڪليل  اغوا ٿيل عورت  عيدي امين جي حڪم تي مارائي وئي۔  هي آپريشن جي اسپيشل يونٽ جو ڪمانڊر ڪرنل جوناٿن نتن ياهو جي  طرفان رٿيو ويو هو ۽ هن مشن دوران ئي مارجي ويل واحد اسرائيلي سپاهي به هو. هو اڳوڻي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جو ڀاءُ هو. اڳوڻي وزير اعظم بينجمن نيتن ياهو جي ڀاءُ جي همت ۽ پيشوراڻا ورانه صلاحيتن جي ڪري  اسرائيل جي طرفان يوگنڊا ۾  ٿيل هي  آپريشن ’آپريشن جوناٿن‘ پڻ سڏيو وڃي ٿو. بهرحال  ڪجهه رپورٽن ۾ ان کي ’آپريشن انتبي‘ پڻ سڏيو ويو آهي. ست ئي اغوا ڪندڙ آپريشن انتبي ۾ مارجي ويا  ۽ هڪ اسرائيلي سپاهي پڻ مارجي ويو. هن آپريشن ذريعي  اسرائيل دعويٰ ڪئي ته انھن هڪ سو کان وڌيڪ ماڻهن کي بچايو آهي ۽ يرغمالين جو ڪو به مطالبو قبول نه ڪيو آهي. ايندڙ وقتن جي لاء ھي آپريشن اغوا ڪندڙن سان  معاملا  حل ڪرڻ لاءِ هڪ ماڊل نمونو  بڻجي ويو ته ”انتهاپسندن سان ڪو سمجھوتو نٿو ڪري سگهجي. جن اسرائيلي فوجين  آپريشن ۾ حصو ورتو بعد ۾ اھي سڀ اسرائيلي فوج يا  اسرائيلي سياست ۾ نمايان ٿي ويا.

هن آپريشن چاليهه سالن کان پوء 2016 ۾  ان وقت جي سرائيلي وزير اعظم بينجمن نتن ياهو  يوگنڊا جي انتبي ايئرپورٽ تي اسرائيل جي ايليٽ ڪمانڊ يونٽ ”سيرت متڪال“  جي ڪمانڊر گڏجي پنھنجي ڀاءُ ڪرنل جوناتھن نيتن ياهو جي موت واري ماڳ جو  ھڪ اسرائيلي وفد سان دورو ڪيو ۽ اسرائيلي آفريقي ٻه طرفه لاڳاپن جو بنياد رکيو. (نوٽ هي اسٽوري ثقلين امام بي بي سي ارد تي شايع ڪئي جيڪا جاويد سولنگي سنڌيار لاءِ ترجمو ڪئي) jawaid1_solangi@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو