فحاشي جي اڏي تان نارووال واسي ناري بازياب، وارثن حوالي

سکر(بيورو رپورٽ) پنجاب مان مهينو اغوا ڪري سکر جي فحاشي جي اڏي تي وڪرو ڪيل ناري بازياب، پوليس جوابدارن بدران ناري کي بچائڻ لاءِ آيل سندس مامي سميت ٽن مائٽن کي گرفتار ڪري ورتو. ناري جي بيان بعد پوليس گرفتار ٿيل پنجاب واسي ٽنهي ڄڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو. پنجاب واسي ٽن ڄڻن سکر جي مبينا فحاشي جي اڏي تي پهچي 18 ورهين جي افشان ڌيءُ امانت علي ڀٽي کي پاڻ سان وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته گوڙ ٿي ويو ۽ اطلاع تي پوليس پهچي انوکو ڪارنامو سرانجام ڏنو. ناري افشان کي اغوا ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران کيس بچائڻ لاءِ نارووال کان آيل سندس مامي سميت ٽن ڄڻن کي کنڀي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. ميڊيا جي پهچڻ ۽ ناري جي بيان بعد پوليس کيس وومين پروٽيشن سيل پهچايو. بازياب ٿيل ناري افشان ٻڌايو ته مهينو اڳ نارووال ۾ پڦي جي گهر مان هڪ اڻڄاتل عورت مونکي دوکي سان نشو ڏنو، جتان بعد ۾ اغوا ڪري ڏيڍ لک رپين ۾ سکر جي فحاشي جي اڏي تي وڪرو ڪيو ويو، جتي لڄالٽ ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ناري ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مون وجهه وٺي فون ذريعي پنهنجي وارثن کي اطلاع ڏنو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو