فالٽ سبب 7 ڏينهن کان بجلي بند، ڳوٺاڻن جو احتجاج

عادلپو(رپورٽ اسلم مھر) مختلف ڳوٺن صالح مھر عارب مھر لاکولنجاري ستارو مھر ميھر مھر  صوبدار لنجار جواري شاھ فيضل مھر صابن لنجار شفيع آباد يوسف مھر  ۽ ٻين ڳوٺن جي بجلي خانپور جي صالح مھر فيڊر تي مقرر واپڊا عملدارن فالٽ جو جواز  ڄاڻائي ڪاٽي ڇڏي آهي جنهن خلاف مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران گڏجاڻي ڪوٺائي  احتجاجي مظاهرو ڪيو  ان موقعي تي احتجاج ڪندي ڳوٺاڻن اڪبر خان مھر امتياز مھر ايڊووڪيٽ مختيارمھر حيدرسنڌي احسان مھر  وزير سومرو خالد لنجار ڊاڪٽرسڪندر لنجار ڊاڪر مھر صادق  ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسانجي ڪيترن ئي ڳوٺن جي بجلي سدائين بند رهي ٿي جنهن سبب سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهيون هنن الزام لڳائيندي چيو ته صالح مھر فيڊر تي مقرر ٿيل عملي  ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن جيڪو بجلي جي هر مهيني منٿلي نه ڏيڻ تي اسان جي ڳوٺن جي بجلي ڪاٽي ڇڏي ٿو ۽ ڳري رشوت جي گهر ڪري ٿو هنن چيو ته اسين مسڪين ماڻهو آهيون هر مهيني ايترا پئسا ڪٿان آڻيون. هنن احتجاج ڪندي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته صالح مھر  فيڊر تي موجود ڪرپٽ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسانجي ڳوٺن جي بجلي بحال ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ سومر ڏينھن کان احتجاجي تحريڪ ايس ڊي او خانپور کان شروع ڪنداسين ۽ سيپڪو سکر جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو