مذاق رات جي گلوڪار محسن عباس کان دنيا ٽي وي جي لاتعلقي

لاهور(ڊيسڪ رپورٽ) اداڪار ۽ گلوڪار ۽ دنيا ٽي وي جي مزاحيه پروگرام مذاق رات سان سلهاڙيل محسن عباس حيدرکان دنيا ٽي وي لاتعلقي ظاهر ڪندي کيس پروگرام ۾ شرڪت تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. هن جو زال سان جهيڙو هلندڙ آهي ۽ سندس زال فاطمه سهيل جي درخواست تي پوليس ڌوڪيبازي، ڀروسو ٽوڙڻ ۽ موتمار ڌمڪين جي الزام هيٺ سندس خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ايف آءِ آر مان غير ازدواجي تعلقات جو الزام خارج ڪيو ويو آهي ۽ پوليس جو چوڻ آهي ته باقي معاملا جاچ بعد سامهون ايندا. ان کان اڳ ٻنهي هڪ ٻئي تي بيوفائي، مارڪٽ ڪرڻ جا الزام هنيا هئا. فاطما سهيل جي الزامن بعد محسن عباس پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته شادي جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ئي زال جا ڪوڙ سامهون اچڻ لڳا هئا ۽ اهڙا ڪوڙ به سامهون آيا جو هوءَ مون کي هڪڙي جڳهه جو ٻڌائي ٻئي هنڌ هلي ويندي هئي. سندس زال فاطمه سهيل مڙس تي تشدد ۽ بيوفائي جو الزام هڻندي زخمي ٿيڻ واري تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي هئي. ان حوالي سان لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محسن عباس چيو ته آئون اهڙي گهراڻي سان تعلق رکان ٿو جتي عورتن جي عزت ڪئي ويندي آهي. هن زال پاران لڳايل الزامن بابت چيو ته شادي جي ڪجهه مهينن  کان پوءِ اسان ٻنهي کي احساس ٿي ويو ته هي شادي نه ٿيڻ گهرجي ها. محسن عباس دعويٰ ڪئي ته فاطمه سهيل جو پيءُ به ان جو گواهه آهي ۽ هن پنهنجي ڌيءَ جو ڪوڙ پڪڙجڻ تي چيو ته پٽ هڪ گناهه ته خدا به معاف ڪري ڇڏيندو آهي. هن چيو ته فاطمه کي غلط بياني ڪرڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت هئي. مون ڪڏهن به پنهنجي ذاتي زندگي کي ميڊيا جي سامهون ناهي آندو. هن جي طرفان هر روز اهڙيون حرڪتون ٿينديون رهنديون هيون. محسن عباس چيو ته 4 سالن جي شادي ۾ اسان زال مڙس هڪ سال ئي گڏ رهياسين ۽ هاڻ اسان  ٻنهي جا رستا 6 مهينن کان جدا ٿي ويا آهن. پئسا گهرڻ واري سوال تي محسن عباس چيو ته فاطمه الزام هنيو آهي ته مون  کيس پيءُ کان هڪ ڪروڙ  روپيا کڻي اچڻ جي ڌمڪي ڏني؟ هن چيو ته مون اڄ تائين ڪاروبار ئي ناهي ڪيو ته ڪاروبار جي لاءِ ڪيئن پئسا گهرندس، جيڪڏهن هن مون کي 50 لک روپيه ڏنا هئا ته ان جو به ته ڪو ثبوت هوندو.

اداڪار موجب فاطمه مون تي الزام لڳايو آهي ته آئون پنهنجي پٽ جي ذميوارين کان  ڀڄي رهيو آهيان. ائين ناهي ڇو ته پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ اسپتال جا سمورا خرچ مون ڀريا جنهن جا بل به مون وٽ موجود آهن. آئون الڳ ٿيڻ کان پوءِ فاطمه ۽ ٻار جو هر مهيني خرچ ڏيندو آهيان. محسن عباس چيو ته فاطمه جيڪي تصويرون شيئر ڪيون آهن اهي 2018 جون آهن ۽ اهي تصويرون ڏاڪڻ تان ترڪي ڪرڻ کان پوءِ جون آهن. جتي هن درخواست ڏني آهي اهو ٿاڻو کيس گهرائي رهيو آهي پر هو اتي پيش نه پئي ٿئي. آئون ٿاڻي تان ٿي آيو آهيان ۽ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو