ملتان اسلام آباد کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي

دبئي (ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل 6 جي فائينل ڪواليفائنگ ميچ ۾ ملتان اسلام آباد کان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي. 181 رنز جو ٽارگٽ سيٽ ڪيو جيڪو اسلام آباد وارا پورو نه ڪري سگهيا ۽ 19 اوورز ۾ 149 تي آل آئوٽ ٿي ويا ۽ ملتان 31 رنز تان کين شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. شان مسعود ۽ محمد رضوان ملتان جي اننگ شروع ڪئي. پنجن وڪيٽن جي نقصان تي 20 اوورز ۾ 180 رنز اسڪور ڪيون. محمد رضوان 3 بال کيڏي بنا رن اسڪور ڪرڻ جي عاقف جي بال تي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو، امپائر آئوٽ نه ڏنو پر رويو ۾ آئوٽ ٿيو، جنهن بعد صحيب مقصود شان مسعود جو ساٿ ڏيندي زبردست هٽنگ ڪئي. 59 جي مجموعي اسڪور تي شان مسعود 25 رنز ٺاهي شاداب جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو، ساڳئي اوور ۾ شاداب رلي روسو کي به زيرو تي ايل بي ڊبليو ڪيو. صهيب مقصود 41 بالن تي 59 رنز ٺاهي عاقف جي بال تي فهيم هٿان ڪيچ ٿيو.

جنهن بعد جي چارلس زبردست اننگ کيڏي 21 بالن تي 41 رنز ٺاهي فهيم جي بال تي افتخار هٿان ڪيچ ٿيو. خوشدل شاهه به زبردست هٽنگ ڪئي 22 بالن تي 44 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

 سهيل تنوير 9 بالن تي 12 رنز اسڪور ڪري ناٽ آئوٽ رهيو. اسلام آباد جوابي اننگ شروع ڪئي ته سهيل تنوير پهرين اوور ۾ خطرناڪ رانديگر ڪولنگ منرو کي  زيرو تي بولڊ ڪيو. جنهن بعد وڪٽ ڪيپر محمد اخلاق عثمان خواجا جو ساٿ ڏيڻ آيو ۽ هن 9 بالن تي 10 رنز ٺاهيون ته کيس عمران خان رن آئوٽ ڪري ڇڏيو. شاداب خان آيو ته هن 3 بال کيڏيا ۽ ڪا رن اسڪور نه ڪئي ته سهيل تنوير جو ٻيو شڪار بڻيو شان مسعود کيس ڪيچ ڪيو ته اسلام اباد جي ٽيم بحران جو شڪار ٿي.

4 اوورز ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 22 رنز ٺاهيون هيون. نائين اوور ۾ افتخار 16 رنز ٺاهي مزاراباني جي بال تي رضوان هٿان ڪيچ ٿيو ۽ 54 تي 4 وڪيٽون ڪري پيون. محمد آصف آيو. ان به ٻوٽو نه ٻاريو ۽ عمران طاهر جي بال تي اسٽمپ ٿيو ۽ ملتان جو پنجون شڪار بڻيو. آصف علي عمران طاهر جي بال تي رضوان هٿان اسٽيمپ ٿيو، پندرهين اوور ۾ عثمان خواجا سهيل تنوير جي بال تي خوشدل هٿان 40 بالن تي 70 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، سورهين اوور ۾ حسن علي عمران طاهر جو ٻيو شڪار بڻيو ۽ رلي روسو بائونڊري تي سندس ڪيچ پڪڙيو، 17 اوور مڪمل ٿيڻ تي 139 تي 7 آئوٽ هئا. محمد وسيم ۽ حسين طلعت ڪيريز تي هئا. 18 اوورجي آخري بال تي محمد وسيم 13 رنز ٺاهي عمران خان جو شڪار بڻيو ۽ آخري ٻن اوورز ۾ 39 رنز گهربل هيون، فهيم اشرف آيو. 19هين اوور ۾ حسين طلعت 32 رنز ٺاهي ڪيچ ٿيو۽ مزاراباني اڳئين بال تي فهيم اشرف کي به ڪيچ ڪرايو اسلام آباد کي آل آئوٽ ڪيو. آخري اوور شاهنواز _اهاڻي کي ڪرائڻو هو جنهن کي ڪا به وڪيٽ هن ميڄ ۾ نه ملي.

پهنجو تبصرو موڪليو