غير ملڪين سميت 10 تبليغي وائرس ۾ مبتلا نڪتا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ نوابشاهه ۽ ميهڙ جي مختلف مسجدن کي قرنطينه ڊڪليئر ڪيل مسجدن ۾ 358 تبليغي جماعت جي ماڻهن جي ڪورونا وائرس جي ٽيست جاري آهي، هن مهل تائين غير ملڪين سميت 10 تبليغين ۾ وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي جن کي آئيسوليشن وارڊز ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 800 کان مٿي تبليغين کي مختلف شهرن جي مسجدن تائين محدود ڪري رينجرز ۽ پوليس مقرر ڪئي وئي آهي. ***ميهڙ مان غلام حسين پنھور موجب تبليغي جماعت جي 68 مولوين لاءِ 6 مسجدن کي قرنطينه سينٽر جو درجو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ عبدالله ٽائون ميهڙ,  راڌڻ رانگڙ محلا ڳوٺ ڇٽو خان ڇڄڙو , ڳوٺ ڄام ڀرٽ ڳوٺ گرڪڻ ۽ فريدآباد شامل آهن جنهن ۾ 4 مولوي مولانا جان زرغون شاهه مولوي عبدالسلام , مولوي گل محمد ۽ مولوي مصعم خان کي ڪرونا وائرس جو شڪ ظاهر ٿيڻ جي ڪري صحت کاتي جي ٽيم ڊاڪٽر فهيم سومرو ڊاڪٽر لياقت سوهو جي اڳواڻي ۾ سيمپل ورتا ويا ۽ کين قرنطينه سينٽرن ۾ رهڻ جو پابند ڪيو ويو ٻئي پاسي ميهڙ تعلقي ۾ قائم ڪيل 6 قرنطينه سينٽرن ٻاهران پوليس اهلڪار مقرر ڪري سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. نوابشاهه مان اي ڪي ڏاهري موجب ضلعي ۾ موجود تبليغين مان 6 ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي. جن کي پي ايم سي اسپتال ۾ قائم ڪيل آئيسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي نوابشاهه جي عثمانيه مرڪز ۾ 249 ۽ دوڙ جي دارالجمعيه عزيزيه حسينه ۾ 41 تبليغين کي قرنطينه ڪيو ويو آهي، نوابشاهه ۾ موجود تبليغين مان 17 ۽ دوڙ وارن تبليغين مان 5 ڄڻن جي ٽيسٽ ڪئي وئي ھئي  ته نوابشاهه وارن مان 5 ۽ دوڙ جي تبليغين مان هڪ کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي. جن مان ڪرونا وائرس پازيٽو آيو آهي انھن مان چار ٻاھرين ملڪن جا رھواسي جن ۾  انڊونيشيا جو محمد سعد، يمن جو احمد سعيد ۽ عبدالله آدم موسي ، سوڊان جو ياسر عمير ۽ ھڪ پنجاب جي وھاڙي شھر جو رھواسي عبدالرحمان ۽ ھڪ شھيد بينظيرآباد جي يوسي جمال شاھ جو رھواسي مظھر ڏاھري شامل آھن جڏھن ته ڇھن ئي ڄڻن کي آئيسوليشن وارڊ ۾ رکيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو