غيرمعياري دوائن۽ غيررجسٽرڊ ميديڪل اسٽورن خلاف ڪاروائي

ٺاروشاھ (رپوٽ مختيار بالادي) رورل هيلٿ سينٽر ٺارو شاھ جي ايم ايس ڊاڪٽر تميز الدين ميمڻ ٺاروشاھ جي مختلف ميڊيڪل اسٽورن خلاف ڪاروائي شروع ڪئي آهي. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته هاء ڪورٽ جي حڪم تي اسان  ميڊيڪل اسٽورن کي نوٽيس ڏنا آهن ۽ غير معياري دوائون رکندڙ ۽ غير رجسٽرڊ ميڊيڪل اسٽورن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. واضح رهي ته هر دوا جي پيڪٽ تي لکيل هوندو آهي ته هن دوا کي 30 سينٽي گريڊ گرمي جي پد تائين رکيو وڃي ۽ وڌيڪ گرمي سبب دوا بي اثر ٿي ويندي پر ان تي ڪو به عمل نٿو ڪري ۽ ان لحاظ کان بي اثر دوائون وڪرو ٿي رهيون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو