غيرآئيني اپائن آڏو بيهي رهنداسين، مراد علي شاهه

سکر (جئيرام داس ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻين ٽِن صوبن کي اسلام آباد مان هلايو وڃي ٿو، سنڌ کي به اسلام آباد مان هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مون کي به اڻ سڌي ريت ڌمڪيون مليون آهن، چيو وڃي ٿو ته توهين جي ڪيس ۾ ڦاسايو ويندو، هر ادارو پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪندو ته ڪي به مسئلا نه ٿيندا. سکر بار ڪائونسل کي خطاب ڪندي هن چيو ته لڳي ٿو ته پاڪستان آئيلينڊ اٿارٽي لاءِ اٽارني جنرل سان به مشورو نه ڪيو، وفاقي حڪومت ٻين سان صلاح مشورا ڪري ڳجهه ڳوهه ۾ آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو، کين خبر آهي ته آرڊيننس جاري ڪري غيرآئيني ڪم ڪيو ويو آهي، آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس واپس نه ورتو ويو ته سينيٽ مان اُن کي رد ڪرايو ويندو، سنڌ حڪومت به آرڊيننس رد ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي، وڏي وزير چيو ته جمهوريت جا حامي سياستدان نيب قانون جي حمايت نه ٿا ڪن، آصف زرداري سوڌو اپوزيشن جي ٻين اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو، وفاقي وزيرن کي ڇو نه ٿو گرفتار ڪيو وڃي، جيڪو به آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو، اُن خلاف بيهي رهنداسين، ملڪ ۾ آئين جي بالادستي لاءِ وڪيلن جو اهم ڪردار رهيو آهي، موجوده صورتحال ۾ به وڪيلن جي تمام گهڻي ضرورت آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو