غوثپور لڳ ٻني تان 2 پورهيت گم، اغوا جو شڪ

غوثپور (عبدالنبي ملڪ)ڍنڍي واري علائقي مان 2 پورھيت نامعلوم ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿي ويا. پورھيت بھار شيخ ۽  علي بخش ميراڻي نورالاھي سندراڻي جي زمين تي ڪڻڪ جي فصل کي پاڻي ڏيئي رھيا ھئا ته مبينه طور اغوا ٿي ويا۔ ٻئي پورھيت ڳوٺ مارک ڀيو جا رھواسي آھن. صبح سوير سان وارث زمين تي پھتا ته پورھيت نه مليا. واقعي واري هنڌ ڪيترن ئي ماڻهن جا پيرا مليا جيڪي ڪچي سنڌو درياھ طرف وڃي رهيا ھئا. مغوين جي وارثن پاران غوثپور پوليس کي اطلاع بعد غوثپور ايس ايڇ او غوثپور خليل احمد رند نفري ساڻ ڪري واقعي واري ھنڌ رواني ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو