غلط حڪومتي پاليسين سبب 600 ڪاٽن فيڪٽريون بند

نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ)شاهه ڪاٽن فيڪٽري ۾( پي، سي، جي، اي ) پروگريسو  گروپ جي  ڪاٽن جنرس اڳواڻن  جو اهم اجلاس  ٿيو  جنهن ۾  نوشهري فيروز ۽ خيرپور ضلعن جي ڪاٽن  جنرس  شرڪت  ڪئي  ، ان موقعي   تي  عبدالستار ميمڻ ، پريم چند ڪوهستاني ،  حاجي نثار علي  ميمڻ  ونود ڪمار ۽ ٻين  چيو ته ملڪ ۾ هن وقت 600 کان  مٿي ڪپهه جا ڪارخانا سخت بحران جي نتيجي ۾ بند ٿي ويا آهن ۽  ملڪ ۾ ڪپهه جا ڪارخانه معاشي بحران  جو شڪار ٿي ويا ، حڪومت پاران لڳايل15 ارب  ٽرن اور ٽيڪس ۽ 17 پرسنٽ خام مال تي لڳايل سيلز ٽيڪس ۽   مختلف ٽيڪسز سبب  نه رڳو ڪارخانه متاثر ٿيا آهن پر هزارين  ڪم  ڪندڙ مزدور  پڻ بيروزگار ٿي ويا آهن ،  سال اڳ  ملڪ ۾  ڏيڊ ڪروڙ کان مٿي ڪپهه جون ڳٺڙيون تيار ٿينديو ن هيو ن جيڪي هاڻي گهٽ ٿي 56  لک  ڳٺڙين تي پهتيون آهن ،  جنهن جو وڏو ڪارڻ ملڪ ۾  ووئڻن  جا غير معياري  ٻج ۽ دوائون  ( پسٽيسائيڊس ) آهن  ، جڏهن ته ملڪ اندر لڳاتار ڪورونا وائرس جي لاڪ ڊائون سبب به ڪاٽن انڊسٽري سخت بحران ۾ پئجي وئي آهي  ملڪ جي 1280 ڪاٽن ڪارخانن مان  50 سيڪڙو ڪارخانه مڪمل  طور بند ٿي ويا آهن ، هنن  ( پي ، سي جي اي )  ڪارخانيدارن جي  گڏيل تنظيم تي الزام هنيو ته  هو ان ڏس ۾  حڪومتي  ڌرين سان ڪي به گڏجاڻيون  نه ڪري سگهيا آهن  ڪاٽن انڊسٽري کي  بحران ۾  ڌڪڻ جي ذميوار ( پي سي  جي اي ) آهي  جيڪا هن وقت  ڪارخانيدارن جي  ڪنهن به مسئلي کي حڪومتي  سطح تي  سامهون  آڻڻ ۾  مڪمل طور ناڪام  ٿي چڪي آهي  ملڪ جون ٽيڪسٽائيل انڊسٽريون  ڪپهه جون لکين ڳٺڙيون ٻاهرين ملڪن مان  امپورٽ ڪن ٿيو ن  جڏهن  ته ٽيڪسٽائيل ملز جي کپت جيتري ڪپهه پنهنجي  ملڪ ۾  تيار ٿيندي آهي  جيڪا هاڻي  بحران جي ور چڙهي وئي آهي  ، هنن وفاقي حڪومت  وزير اعظم  پاڪستان  عمران  خان کان گهر ڪئي ته   ملڪي معيشت ۾  ڪرنگهي  جي هڏي جي حيثيت رکندڙ ڪاٽن انڊسٽري کي بچائي  فل فور لڳايل ٽيڪسز واپس ورتا وڃن جيئن  ڪاٽن جنرس  هن سخت  بحران مان نڪري پنهنجا ڪارخانا هلائين ۽ هزارين بيروز گار ٿيندڙ مزدورن جي خاندانن کي فاڪه ڪشي ءَ کان  بچائي سگهجي ، هنن چيو ڪاٽن جا ٻڄ ٻاهران ايڪسپورٽ  ڪيا وڃن  مقامي ٻجن  سبب ڪپهه جي ڪوالٽي سخت متاثر  ٿي آهي ، هنن اڳواڻن اجلاس کي خطاب ڪندي فيصلو ڪيو ته ڪاٽن انڊسٽري کي بحران مان نه ڪڍيو ويو ۽ لڳايل ٽيڪسز واپس  نه ورتا ويا ته ملڪ گير هڙتال ڪري فيڪٽرين کي  مڪمل تا لا بندي ڪنداسين جنهن جا زميوار ( پي سي جي اي ) اڳواڻ  ۽  وفاقي حڪومت هوندي ،

پهنجو تبصرو موڪليو