غريبن ۾ 12 هزار في خاندان ۾ ورهائڻ جو ڪم شروع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جي اعلان بعد خميس 9 اپريل تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ قائم 17 هزار سينٽرن تان نادرا جي تصديق بعد 12 هزار روپيا في خاندان ۾ ورهائڻ جو ڪم شروع ٿي ويو آهي. جنهن جو اعلان وزيراعظم ڪالهه ڪيو هو. هن ٻڌايو هو ته پاڪستان جي هڪ ڪروڙ 20 لک غريب خاندانن کي 12 هزار ماهوار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ پيسن جي منتقلي جو ڪم خميس 9 اپريل کان شروع ٿيندو ۽ ٻن اڍائي هفتن ۾ مڪمل ٿيندو. هن چيو ته ايس ايم ايس ذريعي گهرايل درخواستن جو نادرا جي ڊيٽا سان ڀيٽڻ بعد چونڊ ڪئي وئي آهي. ان ۾ پنهنجا نوازي يا غلط ماڻهن کي امداد ڏيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.  هن پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته 144 ارب روپيا غريبن ۾ ورهايا ويندا. پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ايڏي وڏي رقم شفاف انداز م ورهائي پئي وڃي. ان موقعي تي عثمان ڊار، ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ ٻيا به موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو