غذائي کوٽ سبب ٻارن جي موت جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي، مگسي

حيدرآباد(پ ر)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽر قادرمگسي ٿر ۾ غذائي کوٽ سبب وڌندڙ ٻارن جي موت جي شرح تي افسوس جو اظھار ڪندي چيو ته ٿر ۾ دنيا جو ڇھون نمبر وڏو ڪوئلي جوذخيرو آھي پر حڪمرانن جي نااھلي ۽ ڪرپشن جي سسب ڪارو سون ٿر جي ماڻھن جي زندگي ۾ ڪا خوشحالي آڻي نه سگھيو آھي. جنھن سبب ٿر جا ماڻھو ھڪ ويلو به کائي نٿا سگھن. غذائي کوٽ سبب گلن جا معصوم ٻار مري رھيا آھن. ٿر جي ماڻھن جي زندگي ۾ ڪابہ تبديلي ناھي آئي. ايستائين جو صاف پيئڻ جو پاڻي بہ کين ميسر ناھي ٿر جو ڪوئلو سنڌ جا  حڪمران ۽ اينگرو گڏجي لٽي رھا آھن۔ ٿر جي وسيلن کي ٿر جي عوام جي سھولتون ڏيڻ جي بدران حڪمرانن جي ڪرپشن جو ذريعو بڻيل آھن. ڊاڪٽرقادرمگسي وڌيڪ چيو تہ سنڌ جي پاڻي تي مسلسل ڌاڙن سبب لکين ايڪڙ زمين ڀڙڀانگ ٿي وئي آھي سمنڊ ٺٽي سجاول ۽ بدين جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي سمنڊ ۾ درياءِ جو پاڻي ڇوڙ نہ ٿيڻ سبب تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا آھن. ڪوھستان ۾ لکين ايڪڙن تي بااثر لينڊ مافيا قبضو ڪري ورتو آھي . ھن سموري صورتحال جي ذميوار سنڌ حڪومت آھي .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو