غداري ڪيس داخل ڪرڻ تي وزيراعظم جي ناپسنديدگي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف ۽ ٻين خلاف پنجاب ۾ غداري جو ڪيس داخل ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو آهي.هن صحافي حامد مير جي ٽوئيٽ جي جواب م ڪيل ٽوئيٽ ۾ اها ڳالهه ٻڌائي آهي. هن چيو ته وزيراعظم کي ان ڪيس جي خبر ئي نه هئي ۽ جڏهن مون کيس ٻڌايو ته هن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو.

هن وڌيڪ ناهي ٻڌايو ته اهو ڪيس ختم ڪيو ويندو يا نه. هڪ شهري بدر رشيد جي درخواست تي شاهدره ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو. جنهن ۾ مريم نواز ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فاروق حيدر سميت مسلم ليگ (ن) جي 40 اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو