مشرف خلاف فيصلو ٻڌائيندڙ خصوصي عدالت غير آئيني قرار

لاهور (بيورو رپورٽ) لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندڙ خصوصي عدالت جي جوڙجڪ کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. پرويز مشرف جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي لاهور هاءِ ڪورٽ جي خصوصي عدالت جي جوڙجڪ کي غير آئيني قرار ڏنو ۽ چيو ته اڳوڻي صدر خلاف سنگين غداري ڪيس به قانون مطابق ناهي بڻايو ويو. ان کان اڳ جسٽس سيد مظاهر علي اڪبر نقوي، جسٽس محمد امير ڀٽي ۽ جسٽس چوڌري مسعود جهانگير تي مشتمل لاهور هاءِ ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ پرويز مشرف جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ان کان اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف طرفان سنگين غداري ڪيس ۾ خصوصي عدالت جي سزا، عدالت جي جوڙجڪ ۽ حڪومت طرفان غداري ڪيس داخل ڪرڻ خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪيو هو. پرويز مشرف جي وڪيل اظهر صديقي ٻڌايو ته لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان فيصلو اڄ ٻڌائڻ جو امڪان آهي. جسٽس سيد مظاهر علي اڪبر نقوي، جسٽس محمد امير ڀٽي ۽ جسٽس چوڌري مسعود تي مشتمل لاهور هاءِ ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ پرويز مشرف جي درخواست تي ٻيهر ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي ۾ وفاقي حڪومت طرفان ايڊيشنل اٽارني جنرل اشتياق اي خان پيش ٿيو ۽ وفاقي حڪومت طرفان خصوصي عدالت جي جوڙجڪ متعلق سمري ۽ رڪارڊ پيش ڪيو. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته پرويز مشرف خلاف ڪيس بڻائڻ جو معاملو ڪابينا ايجنڊا طور پيش ناهي ڪيو ويو جنهن تي جسٽس مسعود جهانگير چيو ته ڪابينا جو اجلاس ڪهڙي تاريخ تي ٿيو ان تي ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته اهو اجلاس 24 جون 2013 تي گهرايو ويو هو. هن وڌيڪ چيو ته خصوصي عدالت جي جوڙجڪ لاءِ ججن جي مقرري معاملي تي ٻيهر ڪابينا جو اجلاس ٿيو. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اهو سچ آهي ته پرويز مشرف خلاف ڪيس ٻڌندڙ خصوصي عدالت جي جوڙجڪ ڪابينا جي منظوري کان بغير ٿي آهي. اشتياق اي خان مطابق 8 مئي 2018 تي خصوصي عدالت جي هڪ جج جي مقرري جو معاملو ڪابينا ۾ بحث هيٺ آيو. 21 آڪٽومبر 2018 تي جسٽس ياور علي ريٽائرڊ ٿي ويو ۽ خصوصي عدالت وري ٽٽي وئي هئي. جسٽس مظاهر علي نقوي رمارڪس ڏنا ته جسٽس شاهد ڪريم کي خصوصي عدالت ميمبر بڻائڻ لاءِ نالو وزارت قانون ۽ انصاف ان جو نالو تجويز ڪيو هو ان کان اڳ ڪڏهن  به وزارت قانون نالو تجويز ناهي ڪيو. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته وفاقي تحقيقاتي اداري ايف آءِ اي پرويز مشرف خلاف انڪوائري مڪمل ڪئي. ان کان اڳ 10 جنوري تي ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کان سنگين غداري ڪيس جي جوڙجڪ متعلق سمري طلب ڪئي هئي ۽ وفاقي حڪومت جي وڪيل کي دليل ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو. گادي واري شهر اسلام آباد ۾ موجود خصوصي عدالت خصوصي عدالت جي 3 رڪني بينچ 17 ڊسمبر تي پرويز مشرف غداري ڪيس جي مختصر فيصلي ۾ ان کي آرٽيڪل 6 تحت موت جي سزا ٻڌائي هئي. پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وقار سيٺ، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نذر اڪبر تي مشتمل بينچ ان ڪيس جو فيصلو 2 هڪ جي اڪثريت سان ٻڌايو هو. جنهن کان پوءِ 19 ڊسمبر تي 167 صفحن تي مشتمل تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويو جنهن جي 44 تي صفحي تي جسٽس نذر اڪبر جو اختلافي نوٽ به شامل آهي. 27 ڊسمبر تي اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف پنهنجي خلاف سنگين غداري ڪيس ۾ اسلام آباد جي خصوصي عدالت جو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو