عيد ۽ محرم دوران احتياط نه ڪيو ته ڪورونا ڦهلبي، مرزا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي صحت بابت صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ في الحال گهٽتائي ته ٿي آهي پر عيد ۽ محرم دوران بي احتياطي سبب هڪدم واڌ ٿي سگهي ٿي.هن زور ڀريو ته ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪريو نه ته ڪنهن به وقت بحراني ڪيفيت پيدا ٿي سگهي ٿي. پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا بابت صورتحال بهتر ٿي رهي آهي ۽ عالمي سطح تي به پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي جو اقرار ڪيو پيو وڃي پر ملڪ ۾ ڪنهن به وقت صورتحال تبديل ٿي سگهي ٿي. هن ٻڌايو ته ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ 80 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ عالمي ادارن جا اندازا اڌورا رهجي ويا هن مهل تائين سڀ غلط ثابت ٿيا آهن. 2 لک 73 هزار مريضن مان 2 لک 37 هزار صحتياب ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽر مرزا چيو ته پاڪستان کي هاڻ 2 وڏن چلينجن عيد ۽ محرم الحرام کي منهن ڏيڻو آهي ۽ ان ڏينهن دوران ڪورونا جي چيلنج کي اختي سان منهن ڏيڻو پوندو. پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ٻيهر واڌ ٿي سگهي. هن چيو ته عيدالفطر تي سماجي وٿي نظر انداز  ڪرڻ سان ڪورونا پکڙجي سگهي ٿي.هن چيو ته عيدالاضحيٰ جي لاءِ اڳ ئي تياريون شروع ڪري ڇڏيون هيون. ان جي لاءِ عالمن  سان صلاح مشورا ڪيا ۽ عيد بابت ڪميٽي ۾ قومي سطح تي ڪميٽي ٺاهي. هن چيو ته عيدالاضحيٰ تي 4 شين تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. شهرن ۾ مال پڙين جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ان لاءِ شهرن کان ٻاهر مال پڙين جي اجازت آهي. عوام مال پڙين ۾ بزرگن ۽ ٻارن کي نه وٺي وڃن ۽ اتي به سماجي وٿي ۽ احتياطي اپائن تي عمل ڪن. هن چيو ته آن لائن مال پڙين کي ترجيح ڏني وڃي ۽ عوام اجتماعي قرباني کي ترجيح ڏين. گهر ۾ قرباني جي دوران ميڙ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ گوشت جي ورهاست دوران به سماجي وٿي کي برقرار رکيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو