عيد کان اڳ سرڪاري ملازمن کي پگهار ڏيڻ جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن کي عيد تي ايڊوانس پگهار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.خزاني جي وزارت موجب سرڪاري ملازمن کي پگهار ۽ پينشن 27 جولاءِ تي ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ايڊوانس پينشن جي ادائيگي جي به منظوري ڏني وئي آهي. خزاني جي وزارت جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن عيدالاضحيٰ 31 جولاءِ تي ٿي ته پگهار ۽ پينشن ايڊوانس ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو