ملير (رپورٽ درياخان شر) عيد ويجهو ايندي ئي ٽريفڪ پوليس کي قانون ياد اچي ويو ملير جي مختلف علائقن ۾ ڳرا چالان ڪاٽڻ خلاف ڊرائيورن جو احتجاج. قائدآباد، ڀينس ڪالوني، گھگھرڦاٽڪ ۽ پورٽ قاسم موڙ لڳ ٽريفڪ چوڪي اهلڪارن ٺٽو ۽ بدين ايندڙ ويندڙ بسن، ڪوچن ۽ ويگنن جي ڇت تي ماڻهو ويهارڻ ۽ وڌيڪ ڀاڙو وٺڻ بهاني ڪيترن ئي گاڏين جا چالان ڪاٽڻ خلاف ڊرائيورن گاڏيون بيهاري احتجاج شروع ڪيوآهي. جنهن بعد ٽريفڪ پوليس سخت ڪاوڙ ڪندي پڌيڪ ڏنڊ هنيا ۽ زوري گاڏيون هٽائي ٽريفڪ بحال ڪرائي. ملير جي مختلف ٽريفڪ پوليس اھلڪارن جو چوڻ آھي ته پبلڪ ٽرانسپورٽرن کي ڪيترائي ڀيرا چتاءُ ڏنو آهي ته گاڏين مان غير تصديق ٿيل سلينڊر هٽايو ۽ مسافرن کي ڇت تي نه وهاريو پر هو عمل نٿا ڪن. جنهن سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، ايس ايس پي ٽريفڪ جو چوڻ آهي ته ڊرائيور عوام کان وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪن ٿا. جڏهن ته ڪوچ ڊرائيور عبدالغني، جاويد علي، محمد اڪبر، خالد بلوچ ۽ سليم ٻڌايو ته بيگناهه چالان ڪيو پيو وڃي اسان کان روز 300 روپيا ڀتو ورتو وڃي ٿو جيڪو هاڻ عيد جي موقعي تي 700 روپيا ڪيو ويو آهي، ڀتي جي ادائيگي کان انڪار تي چالان ڪيو ٿو وڃي. هنن چيو ته اڄوڪي ڪارروائي انتقامي آهي. هڪ ڊرائيور چيو ته قائدآباد ۾ 1200 رپين جو چالان ڀريو آهي، هرهڪ اسٽاپ تي پوليس چوڪي آهي آخر اسان کي ڪيترا چالان ڀرڻا پوندا. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ٽريفڪ پوليس جو زيادتيون بند ڪيون وڃن نه ته ٻي صورت ۾ گاڏيون بيهاري قومي شاهراهه کي بند ڪيو ويندو.
ڪڪڙ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل
معيشت جي بهتري لاءِ سياسي يا انتظامي دٻاءُ برداشت نه ڪبو
’سي سي آءِ‘ جي جوڙجڪ، ناڻي جو وزير آئوٽ، ڊار اِن
پي ايس 80 تي پ پ اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري
بيدردي سان قتل ٿيل نينگر جو لاش رکي ڌرڻو، وزير جو نوٽيس
خساري ۾ هلندڙ سمورن ادارن کي خانگائڻ جو اعلان
ڌاڙيلن خلاف غيرمعمولي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي
ايڪس صارفين لاءِ مشروط مفت سروسز جو اعلان
گلستان جوهر ۾ بخشاپور واسي نوجوان قتل
ملڪ جي آمدني کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان سيڙپڪاري بهتر ٿيندي
پنجاب ۾ ’نواز شريف هاري ڪارڊ‘ جاري ڪرڻ جي منظوري
بابر اعظم کي ٻيهر ڪپتاني ڏيڻ جو فيصلو
احترام رمضان سبب شهيد ڀٽو جي ورسي وارو جلسو ملتوي
سينيٽ اليڪشن، پنجاب اسيمبلي پولنگ اسٽيشن ۾ تبديل
مريم نواز کي پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ گهرجن
پرويز الاهي ۽ ٻيا جوابدار 4 اپريل تي فرد جرم لاءِ طلب
غزه ۾ خوراڪ جي اڻڄاتل سپلائي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جو حڪم
شاهه رخ ۽ مان هن نسل جا آخري اسٽار آهيون: ڪنگنا
پريا ڪماري آخر ڪڏھن آزادي ماڻيندي ؟
اڄوڪي-اخبار-2024-03-29